سکر ۾ پوليو جو انوائرمينٽل سيمپل هاڪاري اچڻ ڳڻتي آهي:ڊي سي سکر

سکر:  ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر چيو آهي ته سکر ۾ پوليو جو انوائرمينٽل سيمپل هاڪاري اچڻ ڳڻتي جهڙي صورتحال آهي، جنهنڪري عملي طور تي انتظامي سڌارن جي ضرورت آهي ۽ پراڻين پوليو مهمن ۾ مسنگ ۽ ناٽ اويل ايبل ٻارڙن جي ڊيٽا گڏ ڪري ايندڙ مهم ۾ هر حال ۾ انهن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦُڙا پيئاريا وڃن، جڏهن ته غلط انگن اکرن ذريعي خانه پوري کان پاسو ڪيو وڃي، پوليو جي خاتمي لاءِ هڪ هڪ نقطي تي بحث بعد سائنسي بنيادن تي محنت ڪرڻي پوندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي آفيس ۾ ڊويزنل ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڪمشنر-ون سکر اختر حسين قريشي، سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي جي ڊپٽي ڪمشنرن ترتيبوار رانا عديل تصور، احمد علي قريشي ۽ خالد سليم، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسرن، ڊبليو ايڇ او، پي پي ايڇ آءِ، آءِ ايڇ ايس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن توڙي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪمشنر سکر ڊويزن هدايت ڪئي ته ڪواليفائيڊ يو سي ايم اوز مقرر ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته ٽيمن توڙي مانيٽرز ۾ عورتن جي شرڪت ضروري آهي ان سلسلي ۾ اين جي اوز کان سهڪار حاصل ڪيو وڃي. صحت سان لاڳاپيل ادارا هڪٻئي سان سهڪار ۽ رابطي کي مضبوط ڪن، ڊيٽا شيئرنگ ۾ ڪوتاهي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي، جڏهن ته ليڊي هيلٿ سپروائيزرز کي ايريا انچارج بڻايو وڃي. ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر چيو ته ڊي پي سي آر جي ڊيش بورڊ کي چڱي ريت ۽ وقت سر اپڊيٽ ڪيو وڃي ته جيئن ڪارڪردگي متاثر نه ٿئي، ڪوڙن انگن اکرن ۽ بوگس مانيٽرنگ سبب پوليو ختم نه ٿو ٿئي، مانيٽرنگ جي نظام ۽ معيار کي بهتر ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ ڪابه سوديبازي برداشت نه ڪئي ويندي.

Read Previous

پيرڳوٺ لڳ مڙس ۽ ڏيرن جو عورت تي مبينا تشدد،احتجاج

Read Next

جيئي سنڌ محاذ ۽ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽيء پاران سنڌ  جي وسيلن ۽ شھرن وارثي لاءِ ريلي جو اعلان

Most Popular