ڀارتي فيشن ڊزائينر فوت

ڪلڪتو: ڀارتي فيشن ڊزائينرشوبري دته گذريل رات پنهنجي گهر اندر مرده حالت ۾ هٿ آئي. ڀارتي ميڊيا موجب 63 سالن جي فيشن ڊزائينر شوبري دته ڪلڪته ۾ اڪلي رهندي هئي جيڪا گذريل رات سندس گهر اندر مرده حالت ۾ هٿ آئي. ڀارتي ميڊيا موجب فيشن ڊزائينر شوبري دته جي خانداني ذريعن موت جو سبب دل جو دورو ڄاڻايو آهي باقي ان سلسلي ۾ پوسٽ مارٽم رپورٽ اڃان باقي آهي. بنگالي شاعر اجت دته جي ڌيءَ شوبري دته ڪاليج مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد ئي فيشن جي دنيا ۾ پير پاتو ۽ خوب نالو ڪمايو. 63 سالن جي ڀارتي فيشن ڊزائينر شوبري دته کي ”شنيا“ نالي برانڊ آهي جنهن جا رياست ڪولڪته ۾ ڪيترائي آؤليٽس آهن.

Read Previous

ندا ياسر مروه جي فيملي کي شو ۾ گهرائڻ تي معافي وٺي ڇڏي

Read Next

اسرائيل سان معاهدي لاءِ وڌيڪ پنج ملڪن جو سنجيدگيءَ سان غور

Most Popular