ندا ياسر مروه جي فيملي کي شو ۾ گهرائڻ تي معافي وٺي ڇڏي

ڪراچي: مارننگ شو جي ميزبان ندا ياسر زيادتي کانپوءِ قتل ٿيل 5 سالن جي مروه جي پيءُ ۽ ڏاڏي کي شو ۾ گهرائي انهن کان غيرسنجنده سوال ڪرڻ تي معافي گهري ورتي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ندا ياسر پنهنجي مارننگ شو ۾ ڪراچي ۾ زيادتي کانپوءِ بي رحميءَ سان قتل ٿيل 5 سالن جي مروه جي پيءُ ۽ ڏاڏي کي پنهنجي شو ۾ گهرايو هو ۽ ان کان واقعي بابت سوال ڪيا هئا جنهن سبب ٻارڙي جي ڏاڏي شو دوران اوڇنگارون ڏئي رني هئي. ندا ياسر جي اهڙي قدم تي سوشل ميڊيا تي مٿس سخت تنقيد ڪئي وئي ۽ کيس بيحس قرار ڏنو ۽ شو تي پابندي جو مطالبو ڪيو. ماڻهن جي تنقيد بعد گذريل ڏينهن ندا ياسر هڪ وڊيو پيغام ذريعي ماڻهن کان معافي ورتي ۽ چيو ته مون مروه جي فيملي کي شو ۾ نه گهرايو هو پر هنن پاڻ مون سان رابطو ڪيو هو.

Read Previous

سيوھڻ ۾ پيئڻ جي صاف جي کوٽ فلٽر پلانٽ جي بند ھئڻ خلاف ايس يو پي پاران ريلي،احتجاج

Read Next

ڀارتي فيشن ڊزائينر فوت

Most Popular