ڪنڌ ڪوٽ: شهر ۾ نقلي ٻچ سبب فيصل تباهه، حڪومت کان نوٽيس جو مطالبو

ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ محمدبخش شيخ) ڪنڌ ڪوٽ ضلعي اندر نقلي ٻج جي ڪري سارين جو فصل پاپڙ ٿئي وڃڻ  ڪري هارين کي نقصان ٿيڻ  جي خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي زميندارن هارين سميت ڪارڪنن جو گهنٽاگهر چوڪ کان وٺي ظريت بجاراڻي، مير طارق خان باجڪاڻي، دلمراد ڏاهاڻي، شاهنواز مرهٽو، شمن علي باجڪاڻي، اصغر شيخ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاهر ڪري دي سي آفيس آڏو ڌرڻو لڳايو انهي دوران احتجاج ڪندڙن پاران سارين جي فصل کي نقصان ٿيڻ  ۽ ضلعي اندر زرراعت جي تباهي جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي انهي دوران احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اسان جي ضلعي جو معاشي تعلق زراعت سان آهي پر اسان جي ضلعي اندر زراعت کي محفوظ ڪرڻ  جو  ڪو به بندوبست نه آهي بااثر واپاري جيڪي نقلي ٻج  وڪرو ڪري رهيا آهن جنهن ڪري ضلعي اندر سارين جو فصل اٽڪل 50 سيڪڙو ختم ٿئي ان بدران پاپڙي ٿئي وئي آهي هي نقصان اسان جي ضلعي جو معاشي قتل آهي سارين جي فصل تي هاري، زميندار، سميت هر طبقي جو ڪاروبار ٿيندو آهي جنهن ڪري اسين اعلي اختيارن کان گهر ڪيون ٿا ته فوري انهي معاملي جو نوٽيس وٺي ڪري نقلي ٻج وڪرو ڪندڙن جي خلاف ڪاروائي ڪري ڪمپنيون بند ڪري واپارين مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي،

Read Previous

”شيڊول ۾ ڪا به تبديلي ناهي ٿي، سيڪنڊري اسڪول23 سيپٽمبر تي ئي کلندا“

Read Next

ڪنڌ ڪوٽ: شهر ۾ بدامني سبب شهري پريشان، چورين روز جو ڪم

Most Popular