”شيڊول ۾ ڪا به تبديلي ناهي ٿي، سيڪنڊري اسڪول23 سيپٽمبر تي ئي کلندا“

اسلام آباد  : تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن صورتحال اِها ئي رهي ته تعليمي ادارا شيڊول جي موجب ئي کلندا. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽ تي  ٽوئيٽ ڪندي تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود سنڌ حڪومت طرفان سيڪنڊري ڪلاسز نه کولڻ واري فيصلي تي رد عمل ڏيندي چيو ته تعليمي ادارن جون ڪلاسز شروع ڪرڻ واري شيڊول ۾ ڪا به تبديلي ناهي ٿي. وفاقي وزير چيو ته ٻئين مرحلي ۾ ڪلاسز 23 سيپٽمبر کان شروع ٿينديون، ان حوالي سان 22 سيپٽمبر تي اين سي او سي جي اجلاس ۾ حتمي فيصلو ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن صورتحال اِها ئي رهي ته تعليمي ادارا شيڊول جي موجب ئي کلندا.

Read Previous

ٺٽو: ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرI- عبيدالله پهوڙ جي صدارت هيٺ اجلاس

Read Next

ڪنڌ ڪوٽ: شهر ۾ نقلي ٻچ سبب فيصل تباهه، حڪومت کان نوٽيس جو مطالبو

Most Popular