ملڪ کي تجربن جي ليبارٽري بنايو ويو آهي، اپوزيشن کان سياسي انتقام ورتو پيو وڃي: نوازشريف

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي ميزباني ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اپوزيشن جي ڪُل جماعتي ڪانفرنس جي باقاعده شروعات ٿي وئي آهي. اي پي سي کي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به خطاب ڪندي سمورن شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار  ڪيو ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي صحت لاءِ دعا ڪئي. آصف علي زرداري کان پوءِ اي پي سي کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو ته مان ملڪ کان پري  هوندي به ملڪ جي عوام جي پريشانين کان چڱي ريت واقف آهيان. هن  چيو ته مان اي پي سي کي  بهتر سمجهان ٿو. هڪ جمهوريت رياست بنائڻ جي لاءِ ضَروري آهي ته اسان مصحلت ڇڏي فيصلا ڪريون. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي هميشه جمهوري نظام کان لاڳيتو محروم رکيو ويو آهي. جمهوريت جي روح عوام جي راءِ هوندي آهي جنهن جو مطلب آهي ته ملڪ جو نظام اهي ماڻهو هلائين جنهن کي عوام ووٽ ذريعي حق ڏئي. هن چيو ته آئين موجب جمهوري نظام جي بنياد عوام جي راءِ آهي. جڏهن ووٽ جي عزت کي پامال ڪيو ويندو آهي ته جمهوري عمل بي معنيٰ ٿي ويندو آهي. چونڊ عمل  کان اڳ اهو طئي ڪيو ويندو آهي ته ڪنهن کي هارائڻو آهي ڪنهن ڪنهن کي کٽرائڻو آهي، عوام کي ڌوڪو ڏنو ويندو آهي، مينڊيٽ چوري ڪيو ويندو آهي. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ چيو ته پاڪستان کي اهڙن تجربن جي ليبارٽري بنايو ويو آهي جيڪڏهن ڪا حڪومت ٺهي به وڃي ته ان کي فارغ ڪيو ويندو. هر ٻار جي زبان تي آهي ته  هڪ دفعو به چونڊيل وزيراعظم کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو آهي. نوازشريف چيو ته آئين تي عمل ڪندڙ اڃان تائين جيلن ۾ آهن پر ڇا ڪڏهن ڪنهن ڊڪٽيٽر کي سزا ملي.؟  هن چيو ته ووٽن ذريعي چونڊيل وزيراعظمن  مان ڪنهن کي قتل، ڪو ڦاسي ته وري ڪنهن کي غدار قرار ڏنو ويو. چونڊيل وزيراعظم جي سزا ختم ئي ناهي ٿي رهي هي سزا عوام کي ملي رهي آهي. نوازشريف چيو ته هتي مارشل لا هوندي آهي يا متوازي حڪومت قائم ٿي ويندي آهي. يوسف رضا گيلاني هڪ ڀيرو چيو هو ته  هتي رياست جي اندر رياست آهي پر معاملو رياست جي اندر مان نڪري رياست جي مٿان هليو ويندو آهي. هن چيو ته عالمي برادري ۾ اسان جي ساک ختم ٿي وئي آهي، نتيجا تبديل نه ڪيا وڃن ها ته هي لنگڙي لولهي حڪومت ڪڏهن به وجود ۾ نه اچي ها. چونڊون هاءِ جيڪ  ڪرڻ آئين شڪني آهي. عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ سنگين ڏوهه آهي. نوازشريف سوال ڪيو ته 2018 جي عام چونڊن ۾ ڪلاڪن تائين آر ٽي ايس ڇو بند رهيو؟ چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪنهن جي چوڻ تي ڪئي وئي.؟ ان جو اڳوڻي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سيڪريٽري  کي جواب ڏيڻو پوندو. جيڪي ڌانڌلي جا ذميوار آهن انهن کي حساب ڏيڻو پوندو. ڪُل جماعتي ڪانفرنس ۾ مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف، جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، محمود خان اچڪزئي ۽ مريم نواز سميت ٻين پارٽين جا نمائندا به شريڪ آهن.

Read Previous

حڪومت کي نيڪالي ڏئي جمهوريت آڻڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين: آصف علي زرداري

Read Next

افغان فورسز جي طالبان ٺڪاڻن مٿان بمباري، عورتن ۽ ٻارن سميت ٻارنهن شهري مارجي ويا

Most Popular