حڪومت کي نيڪالي ڏئي جمهوريت آڻڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين: آصف علي زرداري

اسلام آباد: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آحي ته حڪومت  مختلف هٿڪنڊا استعمال ڪري رهي آهي جنهن ۾ هو ڪامياب نه ٿيندا.  اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري آل پارٽيز ڪانفرنس(اي پي سي) کي وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي بنياد جمهوريت هوندي آهي ۽ ان کان پوءِ خوشحالي ايندي آهي بلاول ڀٽو زرداري  پهرين ئي ڏينهن چيو هو ته هي سليڪٽڊ وزيراعظم آهي. هن چيو ته اهڙا هٿڪنڊا ته مشرف دور ۾ به استعمال نه ٿيا هئا جيڪي  مخالفن سان هاڻ  ٿي رهيا آهن. منهنجي نظر ۾ ته هي اي پي سي اڳ ئي ٿيڻ گهرجي ها.  اڳوڻي صدر چيو ته اي پي سي جي خلاف جيڪي هٿڪنڊا حڪومت استعمال ڪري رهي آهي اهي ئي اي پي سي جي ڪاميابي آهي. مريم نوازشريف گهڻيون  پريشانيون برداشت ڪيون آهن مان مريم نواز کي سلام پيش ڪريان ٿو ۽ اسان ان سان گڏ آهيون. آصف زرداري وڌيڪ چيو ته مون کي خبر آهي ته هن تقرير کان پوءِ مون کي گرفتار ڪيو ويندو. اسان مشرف کي خط موڪليو ۽ 18هين ترميم پاس ڪئي. 18هين ترميم سان ڀت ٺاهي آهي ته جيئن ڪوبه ميري اک سان نه ڏسي سگهي. 18هين ترميم ۾ سڀني کان وڌيڪ حصو پنجاب کي ملندو آهي. آصف علي زرداري مولانا فضل الرحمان کي مخاطب ٿيندي چيو ته مولانا فضل الرحمان صاحب ملاقات لاءِ ضرور اچجو. اسان پاڪستان سان گڏ پنهنجي تجربن کي شيئر ڪري اڳيان وڌڻ چاهيون ٿا. اڳوڻي صدر چيو ته اسان صرف حڪومت ڪيرائڻ نه آيا آهيون پر اسان هن حڪومت کي نيڪالي ڏئي جمهوريت بحال ڪنداسين اسان کي پاڪستان کي بچائڻو آهي اسان هن آفت کان پاڪستان کي بچائينداسين.  هن چيو ته ميڊيا تي پابنديون لڳائڻ ايترو آسان نه آهي پر حڪومت پنهنجي هٿڪنڊن جي ذريعي ميڊيا کي پيمرا جي ذريعي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

Read Previous

بلوچستان ۾ ڪورونا ڪيس سامهون اچڻ تي يارنهن اسڪول بند، يونيورسٽي ۾ به تعليمي سرگرميون معطل

Read Next

ملڪ کي تجربن جي ليبارٽري بنايو ويو آهي، اپوزيشن کان سياسي انتقام ورتو پيو وڃي: نوازشريف

Most Popular