آمريڪا پنهنجي بدمعاشي بند ڪري ٻئي صورت ۾ جوابي ڪارروائي ڪئي ويندي: چين

بيجنگ:  چين ٽڪ ٽاڪ ۽ وي چيٽ جي بندش کي آمريڪا جي  بدمعاشي قرار ڏيندي چيو آهي ته صدر ٽرمپ ڌمڪيون ڏيڻ کان پاسو ڪري ٻئي صورت ۾ سخت جوابي ڪارروائي کي منهن ڏئي سگهي ٿو. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪا طرفان سماجي رابطي جي چيني ويب سائٽس ٽڪ ٽاڪ ۽ وي چيٽ تي پابندي لاڳو ڪرڻ تي چين سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته  آمريڪا پنهنجي بدمعاشي بند  ڪري ٻئي صورت ۾ کيس سخت جوابي ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پوندو. چين جي واپار واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته واپار جي اصولن تي پوري طرح شفافيت ۽ عالمي قانون جو احترام ڪندي ان ويب سائٽس تي پابندي هڻڻ ۽ آئنده اهڙو ڪوبه قدم نه کڻڻ جو به يقين ڏياري.  واپار واري ترجمان خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا پنهنجي هٺ ڌرمي تي قائم رهي ٿو ته چين چيني ڪمپنين جي جائز حقن ۽ مفادن جي استحڪام جي لاءِ ضروري قدم کڻندو. واضح رهي ته آمريڪي واپار واري وزارت گذريل  ڏينهن ٽڪ ٽاڪ تي 20 سيپٽمبر ۽ وي چيٽ تي 12 نومبر کان مڪمل پابندي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. آمريڪي صدر ان ويب سائٽس تي چين جي لاءِ آمريڪا جي جاسوسي جو الزام لاڳو ڪندو آيو آهي.

Read Previous

افغان فورسز جي طالبان ٺڪاڻن مٿان بمباري، عورتن ۽ ٻارن سميت ٻارنهن شهري مارجي ويا

Read Next

مارننگ شوز ۾ ڪمائي لاءِ ماڻهن کي روئاڙيو ويندو آهي: نور بخاري جي ندا ياسر مٿان تنقيد

Most Popular