مارننگ شوز ۾ ڪمائي لاءِ ماڻهن کي روئاڙيو ويندو آهي: نور بخاري جي ندا ياسر مٿان تنقيد

ڪراچي:  اڳوڻي اداڪاره نور بخاري ندا ياسر تي تنقيد ڪندي  چيو آهي ته سمورن مارننگ شوز ۾ متاثرين کي گهرايو ويندو ۽ پوءِ ڪمائي جي لاءِ کين روئاڙيو ويندو آهي. مارننگ شو جي ميزبان ندا ياسر زيادتي کان پوءِ قتل ٿيندڙ مروه جي والدين کي شو ۾ گهرائي ان کان ٻارن جي ڪيس بابت انتهائي غيره سنجيده سوال پڇڻ تي گذريل  ڪجهه ڏينهن کان سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي. سياستدان ۽ ميزبان عامر لياقت جي  اڳوني زال بشريٰ اقبال به ندا ياسر جي هن حرڪت تي تنقيد ڪندي هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته خدارا هي قوم جون ٻارڙيون آهن اسان جون ڌيئرون آهن، هنن سان اڳ ئي زيادتي ٿي آهي  هنن کان اهڙا سوال نه پڇيا وڃن.  بشريٰ چيو ته گهر وارن جي زخمن ۽ ڏکن تي مرهم رکڻ جي بجاءِ انهن کي ڪمائي جو ذريعو ڇو ٿا بنايو.  پنهنجن پروگرامن ۾ گهرائي هنن جي ماءُ پيءُ يا گهر وارن کان هنن جي ڌيءَ سان  ٿيندڙ زيادتي واقعي واقعي بابت پڇڻ يا بيان ڪرڻ انهن جي لاءِ ڪنهن موت کان گهٽ نه آهي. بس ڪريو. ڪمائي جي ڊوڙ! هي ڏک، صدمو اسان سڀني جو گڏيل ڏک آهي. هن زيادتي  واري ڪيس ۾ هنن جو  آواز بڻجو نه ڪي هنن جي تڪليف ۾ واڌ جو سبب. لفظن جو صحيح استعمال به اسان جي معاشري جي ذميوارين ۾ شامل آهي. بشريٰ اقبال جي هن وڊيو تي نور بخاري به ڪمنٽ ڪري مارننگ شوز جي حقيقت بيان ڪندي چيو ته ها هي سڀ ائين ئي ڪندا آهن. سمورا مارننگ شوز ڏکوئيندڙ آهن هي ماڻهو متاثرين کي گهرائيندا آهن ۽ پوءِ ميزبان کي چيو ويندو آهي ته روئاڙيو، هنن کي روئاڙيو. مون به هڪ ڀيرو اهڙو شو هن نفرت انگيز رويي جي ڪري ڇڏيو هو. نور بخاري جي ڪمنٽ جو اسڪرين شارٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي.  ٻئي طرف ندا ياسر هڪ وڊيو پيغام ۾ مروه جي والدين کي شو تي گهرائڻ تي معافي گهرندي چيو هو ته اسان ٻارڙي جي گهرن وارن کي نه گهرايو هو پر هنن پاڻ اچڻ جي فرمائش ڪئي هئي. پر وقار ذڪا دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ندا ياسر ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي ٻارڙي جي والدين ندا ياسر جي شو ۾ وڃڻ جو ڪوبه مطالبو نه ڪيو هو.

Read Previous

آمريڪا پنهنجي بدمعاشي بند ڪري ٻئي صورت ۾ جوابي ڪارروائي ڪئي ويندي: چين

Read Next

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو نٿيا گلي ۾ جاري ٻن ڏينهن وارو اجلاس ختم

Most Popular