آمريڪي بدمعاشي جو جواب ڏيڻ جي سگهه رکون ٿا: ايران

تهران: ايران چيو آهي ته آمريڪا روايتي غنڊه گردي جو مظاهرو ڪندي گڏيل قومن جون پابنديون بحال ڪيون جنهن کان پوءِ هاڻ هنن کي فيصلو ڪندڙ جواب ڏيڻ جو واعدو ڪريون ٿا. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب صدر حسن روحاني ايران تي گڏيل قومن جي پابندين کي بحال ڪرڻ جي لاءِ آمريڪي دٻاءُ جي مزاحمت ڪرڻ تي عالمي طاقتن جو ٿورو ادا ڪندي چيو هو ته آمريڪا پاران ايران جي خلاف وڌ کان وڌ دٻاءُ پاڻ آمريڪا جي لاءِ وڌ کان وڌ اڪيلائي جو سبب بڻجندو. صدر حسن روحاني وڌيڪ چيو ته اڄ جو ڏينهن ايران جي تاريخ جو يادگار ترين آهي. عالمي طاقتن اسان جو ساٿ ڏئي جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ان سان آمريڪا کي عالمي سطح تي رسوائي کي منهن ڏيڻو پيو آهي ۽  اها اسان جي هن وقت جي سڀني کان وڏي ڪاميابي آهي. واضح رهي ته آمريڪا گذريل ڏينهن هڪ طرفي طور تي اسٽيپ بيڪ جي طريقيڪار ذريعي ايران مٿان گڏيل قومن جون پابنديون بحال ڪري ڇڏيو هيون پر سلامتي  ڪائونسل جي ٻين ميمبرن ان جي حمايت نه ڪئي هئي ۽ آمريڪي قدمن کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو هو.

Read Previous

مشهور اداڪاره ۽ گلوڪاره ملڪه ترنم نور جهان جي اڄ سالگره ملهائي پئي وڃي

Read Next

افغانستان ۾ سيڪيورٽي فورسز مٿان طالبان جو حملو، نو اهلڪار مارجي ويا

Most Popular