افغانستان ۾ سيڪيورٽي فورسز مٿان طالبان جو حملو، نو اهلڪار مارجي ويا

ڪابل: صوبي تخار ۾ سيڪيورٽي فورسز  مٿان طالبان جي حملي جي نتيجي ۾ 9 اهلڪار مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا.  افغان ميڊيا موجب صوبي تخار ۾ سيڪيورٽي فورسز مٿان طالبان جي حملي ۾ 9 اهلڪار مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا جن مان 6 فوجي ۽ 3 پوليس اهلڪار شامل آهن.  طالبان  ۽ افغان سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ چڪريون هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهيون جڏهن ته افغان سيڪيورٽي جي ذريعن موجب طالبان کي به ڳري نقصان کي منهن ڏيڻو پيو. ياد رهي ته گذيل ڏينهن افغانستان جي صوبي قندوز ۾ افغان فورسز طالبان جي ٺڪاڻن کي نشانو بنايو هو. هوائي ڪارروائي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 12 ڄڻا مارجي ويا هئا جڏهن ته ڪارروائي ۾ ڪنهن به طالبان جي مارجي وڃڻ جي اطلاع نه ملي هئي.

Read Previous

آمريڪي بدمعاشي جو جواب ڏيڻ جي سگهه رکون ٿا: ايران

Read Next

ڀارت: ممبئي ويجهو ٽي ماڙ رهائشي عمارت ڪرڻ سبب ڏهه ڄڻا دٻجي فوت

Most Popular