رياست رڳو اشرافيا لاءِ ئي نه پر عام ماڻهو لاءِ به هجڻ گهرجي:اسلام آباد عدالت

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ايس اي سي پي جي گم ٿيل آفيسر ساجد گوندل جي بازيابي بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته رياست جي ذميواري رڳو اشرافيا لاءِ ئي نه پر عام ماڻهو لاءِ به هجڻ گهرجي.اسلام آباد جي عدالت عاليا ۾ چيف جسٽس اطهر من الله ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جتي گهرو معاملن بابت وزيراعظم جو صلاحڪار شهزاد اڪبر، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊي سي عدالت ۾ پيش ٿيا.ساجد گوندل جي وڪيل بئريسٽر جهانگير جدون عدالت ۾ ٻڌايو ته ساجد گوندل واپس اچي ويو آهي ۽ مئجسٽريٽ سامهون بيان به رڪارڊ ڪرايو ويو آهي پر اڃا تائين خبر ناهي پئجي سگهي ته اغوا ڪندڙ ڪير هئا.چيف جسٽس اطهر من الله، شهزاد اڪبر کان پڇاڻو ڪيو ته توهان کي خبر آهي توهان کي ڇو گهرايو ويو آهي؟ توهان آءِ جي پوليس جي رپورٽ ڏٺي هوندي، جيڪا تمام خوفناڪ آهي.چيف جسٽس چيو ته توهان انهن 5 صلاحڪارن ۾ شامل آهن، جن کي وزيراعظم پنهنجو صلاحڪار رکيو، توهان وزيراعظم جي اعتماد وارن ماڻهن ۾ شامل آهيو.هن چيو ته 1400 اسڪوائر ميل تي ٻڌل اسلام آباد کي ماڊل سٽي هجڻ گهرجي، توهان ڪچهري وڃي ڏسو ته عدالتون ڪيئن ڪم ڪري رهيون آهن، ڪنهن ان ڏانهن ڌيان نه ڏنو، هتي اسلام آباد ۾ پروسيڪيوشن برانچ ئي قائم ناهي، عدالت فيصلو ڏنو پر عمل نه ٿيو.ٻڌڻي دوران پوليس جي جاچ بابت چيف جسٽس چيو ته عدالت جي فيصلن جو دارومدار پوليس جاچ تي هوندو آهي، پوليس جاچ جو معيار انتهائي ناقص آهي، جاچ آفيسرن جي تربيت ناهي، اڄ عدالت سامهون هڪ ڪيس آيو ته پوليس چيڪ ڊس آنر جو ڪيس داخل نه پئي ڪري.گڏوگڏ گهرو صلاحڪار کي چيو ويو ته ٻن هفتن جو وقت وٺو ۽ هڪ رپورٽ ٺاهي وزيراعظم سان شيئر ڪيو ته ڇا ٿي رهيو آهي.چيف جسٽس چيو ته ڪابينا ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ته عام شهرين جي حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، ان تي شهزاد اڪبر چيو ته اسان گم ٿيل ماڻهن جو معاملو ڪابينا جي نوٽيس ۾ آندو آهي، جنهن تي هڪ ذيلي ڪميٽي ٺاهي وئي آهي، اهو هڪ جاري معاملو آهي ۽ ڪميٽي جون سفارشون ڪابينا کي موڪليون وينديون.هن چيو ته اسلام آباد ۾ آزاد پروسيڪيوشن برانچ هجڻ گهرجي، گڏ ئي اها ڳالهه سامهون آئي ته جاچ آفيسر جنهن کي جاچ جو ڪو تجربو ناهي، ان کي هڪ جاچ جا 350 رپيا ملندا آهن، ان تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اهو ئي ڪرپشن جو وڏو ذريعو آهي، اهو باقي پئسا ڪٿان وٺندو هوندو؟چيف جسٽس چيو ته هتي مفادن جو به ٽڪراءُ آهي، گهرو وزارت ۽ ايف آءِ اي سميت ٻيا ادارا ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار ڪري رهيا آهن.هن چيو ته جوابدارن جي بريت ناقص جاچ سبب ٿيندي آهي ۽ ذميواري عدالتن تي ايندي آهي، ڪچهري ۾ عدالتون دڪانن ۾ قائم آهن، توهان پاڻ به وڪالت ڪندا ۽ پيش ٿيندا رهيا آهيو.چيف جسٽس اطهر من الله، شهزاد اڪبر کي چيو ته توهان وزيراعظم کي ان باري ۾ به آگاهه ڪيو، الله نه ڪري ڪچهري وارو واقعو ٻيهر ٿي وڃي، جيڪڏهن اهڙو ڪو واقعو ٿيو ته ڪنهن کي ته ذميواري کڻڻ گهرجي، رياست رڳو اشرافيا لاءِ ئي نه عام ماڻهو لاءِ به هجڻ گهرجي.ان موقعي تي بئريسٽر جهانگيرجدون چيو ته ڪميٽي ۾ اسلام آباد بار جي هڪ ميمبر کي به آزاد رڪن طور شامل ڪرڻ گهرجي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اهو ايگزيڪيوٽو جو اختيار آهي، اسان مداخلت نه ڪنداسين.چيف جسٽس چيو ته وزيراعظم جو گهرو معاملن بابت صلاحڪار پاڻ بار جو ميمبر آهي، هاڻ ايليٽ ڪلچر ختم ٿيڻ گهرجي.پوءِ عدالت سموري رڪارڊ جو جائزو وٺي 3 هفتن ۾ تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ هاڻ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تي ٿيندي.

Read Previous

فوج تي حملا ڪندڙ نواز شريف جو موقف ملڪ دشمنن سان ملي رهيو آهي:وفاقي حڪومت

Read Next

وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۾ اهم ملاقات

Most Popular