فوج تي حملا ڪندڙ نواز شريف جو موقف ملڪ دشمنن سان ملي رهيو آهي:وفاقي حڪومت

اسلام آباد :  وفاقي حڪومت چيو آهي ته نواز شريف جو موقف ملڪ دشمنن سان ملي رهيو آهي. وفاقي وزيرن شبلي فراز، اسد عمر، شاهه محمود قريشي ۽ فواد چوڌري اپوزيشن جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۽ نواز شريف جي لنڊن مان تقرير تي پريس ڪانفرنس ذريعي ردعمل ڏنو. سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير شبلي فراز ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي اپوزيشن اڳواڻن جون تقريرون ٽي وي تي نشر ٿيڻ کان نه روڪيون ويون، مولانا فضل الرحمان جي تقرير به اي پي سي جي ميزبان پ پ طرفان روڪي وئي، اپوزيشن 2018 جي چونڊن کي ڌانڌلي سٽيل چونڊون قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڇا نواز شريف، جيڪو 3 ڀيرا وزيراعظم چونڊيو ويو، اهي چونڊون ٺيڪ هيون؟ انهن کي صاف شفاف چونڊن جي عادت ناهي، تنهن ڪري اهي سڙي رهيا آهن، 2018 ۾ 16 تڪ اهڙا هئا، جتي پي ٽي آءِ اميدوار 3 هزار کان گهٽ مارجن تان هارائي ويا، جيڪڏهن چونڊون صاف نه ٿيون ته اسان جي انهن 16 سيٽن تي ڪنهن مدد ڇو نه ڪئي؟هن چيو ته نواز شريف جي سوچ آهي عدالت ان جي حق ۾ فيصلو ڏئي ته ٺيڪ خلاف ڏئي ته غلط آهي، حقيقتون ڄاڻيندي معاملن کي تڪراري بڻائي هو ملڪ ۽ جمهوريت جي خدمت نه پيو ڪري.رٿابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر چيو ته حڪومت ۽ فوج فاٽا، ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ امن قائم ڪيو، افغانستان ۾ به امن جي اميد نظر اچي رهي آهي، دشمنن کي خبر آهي ته پاڪستان انهن ڏکيائين مان نڪري ويو ته پاڪستان کي روڪڻ ڏکيو ٿي ويندو، اهي ڪاميابيون ان ڪري حاصل ٿي رهيون آهن، ڇو ته فوج ۽ سول ليڊر شپ هڪ ٻئي کي شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ بدران گڏجي ڪم ڪري رهي آهي.هن چيو ته نواز شريف فوج تي حملا ڪري رهيو آهي، سندس موقف ملڪ دشمنن سان ملي رهيو آهي، جيڪو ادارو ميان صاحب جي ماتحت ناهي، هن جو ان خلاف جنگ جو اعلان آهي، هڪ ڏوهي کي انساني همدردي جي بنياد تي ٻاهرين ملڪ موڪليو ويو، جهاز ۾ ويهندي ئي خبر پئجي وئي هئي ته نواز شريف ڪيترو بيمار آ.پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ناڪاميءَ جي ذميوار اپوزيشن پاڻ آهي، ڪالهوڪي اي پي سي تضادن جو ميڙاڪو هو، جنهن ۾ نااميدي نظر آئي، گذريل ڏينهن فوج، عدليا، نيب ۽ اليڪشن ڪميشن کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، اي پي سي جون خوشيون پاڙيسري ملڪ ۾ ملهايون پيون وڃن.هن چيو ته ڪورونا چئلينج باوجود معيشت بهتر ٿي رهي آهي، انهن سوچيو هو ته معيشت ڪڏهن بهتر نه ٿيندي پر انهن کي مايوسي ٿي، جيڪي ماڻهو ڪورونا ۾ لاڪ ڊائون جو درس ڏئي رهيا هئا اڄ جلسن جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، انهن چاهيو ته نيب جي تڏا ويڙهه ڪئي وڃي، ٻن سالن ۾ اپوزيشن کي خبر پئجي وئي ته ڪنهن قسم جي رعايت نه ملندي، انجام ويجهو پهچڻ تي اهي پريشان آهن، اپوزيشن جو اتحاد ڊگهو ناهي، مقصد پورا ٿيڻ تي اهي ڇڙوڇڙ ٿي ويندا. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير فواد چوڌري چيو ته اهو پهريون ليڊر آهي جيڪو لنڊن جي مي فيئر اپارٽمينٽ مان ويهي عوام کي نڪرڻ جو چئي رهيو آهي، نواز شريف کي ٻاهر موڪلڻ اسان جي غلطي هئي، جيڪا مڃڻ گهرجي، مون کي پهرين ڏينهن ئي خبر هئي ته هو نه موٽندو پر اسد عمر صاحب چوندو هو اچي ويندو، اسان 7 اربن جو گارنٽي بانڊ رکيو ته ان ئي عدالت ان کي نرم ڪيو.هن چيو ته ن ليگ ججن کان مرضيءَ جا فيصلا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، اهي چاهين ٿا ته فوج پئسو ٻاهر موڪلڻ ۾ انهن جي مدد ڪري، اسان جي حڪومت زور عدالتن ۾ تنقيد کي منهن ڏئي رهي آهي پر وزيراعظم چئي ٿو ته عدليا جي فيصلن جو احترام ڪيو، اپوزيشن جو جهيڙو اهو آهي ته ڪيسن ۾ رعايت ڏني وڃي.سندس چوڻ هو ته ٻاهرين ملڪ هڪ لابي پاڪ فوج خلاف موقف وٺي هلي رهي آهي، نواز شريف جي تقرير جو جشن ڀارت ۾ ملهايو پيو وڃي، ادارن کي تڪراري بڻائي رياست کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پي ٽي آءِ جي حڪومت تبديل ڪرڻ جي اٿارٽي رڳو عوام وٽ آهي.

Read Previous

ڪشمور گڊو مين روڊ تي تيز رفتار ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر ھڪ ڄڻو فوت ٻه ڄڻا زخمي

Read Next

رياست رڳو اشرافيا لاءِ ئي نه پر عام ماڻهو لاءِ به هجڻ گهرجي:اسلام آباد عدالت

Most Popular