والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو

سرينگر: والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج فائرنگ ڪري وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو.  ڪشمير ميڊيا سروس موجب ضلعي بڊگام ۾ قابض ڀارتي فوج نام نهاد سرچ آپريشن جي دوران چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪيو ۽ گهر گهر تلاشي جي دوران نوجوان کي فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو.  ڪشمير ميڊيا سروس موجب هن علائقي ۾ هڪ حملي جي دوران ڀارتي فوجي سخت زخمي ٿي پيو هو جڏهن ته واقعي کان پوءِ قابض فوج پيرا ملٽري فورس سان گڏ سرينگر، پلواما ۽ شوپيان جي علائقن ۾ به سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته گذريل هفتي به قابض ڀارتي فوج سرچ آپريشن جي دوران 4 ڪشميري نوجوانن ۽ هڪ عورت کي شهيد ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته گذريل مهيني ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي ۾ 20 ڪشميري شهيد ٿي ويا هئا.

Read Previous

باجوڙ ۾ سرحد پار کان فائرنگ سبب پاڪ فوج جو جوان شهيد

Read Next

وسيم اڪرم جي گهر واري شنيرا اڪرم پاران ڪنگنا رناوت مٿان تنقيد

Most Popular