وسيم اڪرم جي گهر واري شنيرا اڪرم پاران ڪنگنا رناوت مٿان تنقيد

ڪراچي: سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم جي گهر واري شنيرا اڪرم ڀارتي اداڪاره ڪنگنا رناوت کي سخت جواب ڏئي ڇڏيو آهي.  ڪنگنا رناوت فلمن ۾ اداڪاري ڪرڻ کان وڌيڪ پاڪستان جي خلاف زهر اوڳاڇيندي ۽ ٻين سان گڏ بنا ڪنهن سبب جي جهيڙا ڪرڻ جي لاءِ مشهور آهي اها دلچسپ ڳالهه آهي ته ان سب جي باوجود هو پاڻ کي معصوم سمجهندي آهي ۽ ان جو خيال آهي ته هو ڪڏهن به ڪنهن سان جهيڙو نه ڪندي آهي پر ٻيا ماڻهو هن سان جهيڙو ڪندا آهن. تازو ئي هڪ ٽوئٽ ۾ ڪنگنا رناوت ان حوالي سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته مان گهڻي ويڙهاڪ طور مشهور آهيان پر اهو سچ نه آهي. منهنجو رڪارڊ آهي ته  مان ڪڏهن به جهيڙو شروع ناهيان ڪندي جيڪڏهن ڪنهن اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته هميشه مان جهيڙي جي شروعات ڪندي آهيان ته مان ٽوئٽر کي خيرباد چئي ڇڏيندس.  بهرالحال مان ڪڏهن به جهيڙو شروع ناهيان ڪندي پر جهيڙي کي ختم ضرور ڪندي آهيان. وسيم اڪرم جي گهر واري شنيرا اڪرم ڪنگنا رناوت جي ان ٽوئٽ تي طنز ڪندي چيو ته ٿي سگهي ٿو ته اوهان جهيڙو نه ڪندا هجو پر اوهان مدر ٽريسا به نه آهيو. شنيرا اڪرم پاران ڪنگنا کي جوابي ٽوئت ڪندي پاڪستانين خوشي جو اظهار ڪيو آهي. بسيرا سد نالي ٽوئٽر بينڊل لکيو آهي ته شنيرا اوهان تمام سٺو ڪيو. منافت جي حمايت نه ڪرڻ گهرجي. هن ڪنگنا کان علاوه پرينڪا چوپڙا کي به ڊرامن جي راڻي قرار ڏنو. اعجاز نالي ٽوئٽر بينڊل لکيو ته واهه ڇا جواب ڏنو آهي اوهان کي سلام آهي. فيصل نالي شخص لکيو بهابهي راک پورا انڊيا شاڪ. جڏهن ته هڪ ٻئي مداح شنيرا کي ڪنگنا سان تڪرار شروع ڪرڻ کان روڪيندي چيو آهي ته بهابهي اوهان هن عورت کي ڇڏيو هن جي ڪابه عزت نه آهي.

Read Previous

والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو

Read Next

ڀارتي اداڪار ريٿڪ روشن به ماهره خان جو مداح بڻجي ويو

Most Popular