سنڌ ۾ استادن جون 37هزار جايون خالي ،آءِ بي اي پاس پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي اميدوار نوڪرين کان محروم

 خيرپور: تعليم کاتي سنڌ ۾ استادن جون 37هزار جايون خالي هوندي به آءِ بي اي پاس پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي اميدوار نوڪرين کان محروم ، آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو، ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ امتياز حسين ڪٽوهر،عمران چانڊيو، ظهوراحمد منگي،محمد زاهد ميمڻ،صدام حسين لاشاري، سهيل احمد سومرو، فضل الرحمان ڀيو،زاهد حسين مري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا،ان موقعي تي مظاهرين صحافين کي ٻڌايو ته 2018 ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪئي هئي ۽ اڳوڻي تعليم جي وزير سيد سردار علي شاه بيان ڏنو هو 50 سيڪڙو مارڪون کڻندڙن استادن کي ڀرتي ڪيو ويندو، پر اسان کي هن وقت تائين ڀرتي نه ڪيو ويو آهي،جنهن ڪري اسان مجبور ٿي نٽهڻ اس ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو آهي، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ واضح حڪم جاري ڪيا آهن سنڌ ۾ جلد کان جلد استاد ميرٽ تي ڀرتي جنهن اسان ميرٽ تي پاس ٿيا آهيون ان ڪري اسان کي نوڪرين جا آرڊر ڏنا وڃن باقي خالي جاين لاءِ اشتهار ڏنا وڃن، ٻئي طرف سماجي تنظيمن جي اڳواڻن امجد علي لاشاري،ا عجاز عباسي، شهباز ڦلپوٽو استادن جي حمايت ۾ ريلي ۾ شامل ٿيا ۽ استادن جا مطالبا منظور ڪرڻ جو مطالبو ڪيو،

Read Previous

سيپڪو شھدادڪوٽ جي لائين سپريڊنڊنٽ کي خرچي نه ملي، قبوسعيد خان ۽ ڪچي پل جي 3 سئو ڳوٺن جي بجلي بند

Read Next

ڪوٽڏيجي ۾ شهيد فوجي جي پينشن تان سس ۽ ننهن ۾ ڇڪتاڻ،پيرسن ماءُ صحافين وٽ پهتي

Most Popular