سيپڪو شھدادڪوٽ جي لائين سپريڊنڊنٽ کي خرچي نه ملي، قبوسعيد خان ۽ ڪچي پل جي 3 سئو ڳوٺن جي بجلي بند

شھدادڪوٽ: سيپڪو شھدادڪوٽ جي لائين سپريڊنڊنٽ  کي خرچي نه ملڻ تي قبوسعيد خان ۽ ڪچي پل جي 3 سو کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي بند ڪري ڇڏي, ڳوٺاڻن لائين سپريڊنڊنٽ خلاف شھدادڪوٽ واپڊا آفيس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري  نٽھڻ اس ۾ 2 ڪلاڪ ڌرڻو ھنيو, جڏهن ته ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل رھي,ان موقعي تي مڇريل ڳوٺاڻن سيپڪو جي لائين سپريڊنڊٽ خلاف سخت نعري بازي پڻ ڪئي, ڌرڻي کي خطاب ڪندي شھري اتحاد جي اڳواڻن ثناء الله کوسو خادم جاگيراڻي,مختيار کوسو, غلام شبيرکوسو ۽ ٻين چيو ته لائين سپريڊنڊنٽ ڪريم بخش ميراڻي  خرچي اڳاڙڻ لاء لائين مين وحيد جمالي کي مقرر ڪيو آهي جنھن جي سرپرستي ۾  ھلندڙ   ڊاريڪٽ ڪنيڪشن جا لکين روپيا اڳاڙي کيس پھچائي ٿو, ھاڻي خرچي نه ملڻ تي ھن قبو سعيد خان ۽ ڪچي پل جي 300 کان وڌيڪ ننڍن وڏن ڳوٺن جي بجلي ڪٽي ڇڏي آهي جنهن  ۾ ڪيترن ئي ميٽر واري صارفينن جي بجلي ڪٽيل آهي جنهن ڪري سخت تڪليف ۾ گذاري رھيا آھيون ھنن سيپڪو جي چيف انجنيئر کان مطالبو ڪيو ته سيپڪو جي رشوت خور لائين سپريڊنڊنٽ ۽ ڪرپٽ لائين مين وحيد جمالي خلاف ڪاروائي ڪري بجلي کان محروم ٿيل 3 سو ڳوٺن جي بجلي بحال ڪري تڪليف کان بچايو وڃي.

Read Previous

لاڙڪاڻي ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن طرفان احتجاج جاري،پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال

Read Next

سنڌ ۾ استادن جون 37هزار جايون خالي ،آءِ بي اي پاس پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي اميدوار نوڪرين کان محروم

Most Popular