ڪورونا سان مقابلو: صحت واري عالمي اداري جڙي ٻوٽين سان علاج جي آزمائش منظور ڪري ورتي

ڪانگو:    صحت بابت عالمي اداري جي ماهرن جي هڪ پينل ڪورونا وائرس جي علاج لاءِ جڙي ٻوٽين سان تيار ڪل روايتي آفريقي دوائن جي آزمائش شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.  اهو اعلان مذڪوره اداري جي ويب سائٽ تي جاري ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب صحت جي عالمي اداري روايتي طب(ٽريڊيشنل ميڊيسن) جي علاقائي ڪميٽي اها منظوري ڏني آهي. جنهن جي تحت ان روايتي نباتاتي دوائن(هربل ميڊيسنز) جي فيز ٿري ڪلينڪل ٽرائلز يعني ٽئين مرحلي جي طبي آزمائشن جو طريقيڪار(پروٽوڪول) به طئي ڪيو ويو آهي  اميد آهي ته هن آزمائشن جو سلسلو به جلد شروع ٿي ويندو.

Read Previous

ڪوٽڏيجي ۾ شهيد فوجي جي پينشن تان سس ۽ ننهن ۾ ڇڪتاڻ،پيرسن ماءُ صحافين وٽ پهتي

Read Next

مهوش حيات محنتي عورتن جي همٿ وڌائڻ لاءِ پيغام جاري ڪري ڇڏيو

Most Popular