مهوش حيات محنتي عورتن جي همٿ وڌائڻ لاءِ پيغام جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:     پاڪستاني اداڪاره مهوش حيات محنتي عورتن جي همٿ وڌائڻ لاءِ پيغام جاري ڪري ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽ موجب مهوش حيات سوشل ميڊيا تي پنهنجي نئين تصوير جاري ڪئي جنهن ۾ هو ڪاري رنگ جي ڪپڙن ۾ ڀت جي سامهون بيٺل آهي جڏهن ته ڀت تي پکي  ٺهيل آهن. اداڪاره تصوير شيئر ڪندي لکيو ته هڪ همت واري عورت پنهنجي دشمنن مٿان فتح حاصل ڪري وٺندي آهي.  پنهنجي پڪن ارادن ۽ ڪاميابي جي اڏام ڀريندي هو پنهنجا نشان ڇڏي ويندي آهي. مهوش حيات جتي فن ۽ اداڪاري ۾ پنهنجون صلاحيتون مڃرائي رهي آهي اتي ئي سماجي ۽ سياسي معاملن ۾ به پنهنجي منفرد راءِ رکي ٿي. جنهن جو هو مختلف وقتن تي اظهار ڪندي رهندي آهي. گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ برساتن کان پوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي اداڪاره ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته جڏهن ڪراچي ۾ برساتون ٿينديون آهن ته سموري شهر کي ناقص انتظامي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. هن اختيارين کان شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو.

Read Previous

ڪورونا سان مقابلو: صحت واري عالمي اداري جڙي ٻوٽين سان علاج جي آزمائش منظور ڪري ورتي

Read Next

ايمن ۽ منيب کي ڌيءَ جي سالگره تي خوشي ملهائڻ مهانگي پئجي وئي، سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد

Most Popular