احتساب عدالت آصف زرداري مٿان لڳل ٽن ريفرنسز ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد:    اسلام آباد جي احتساب عدالت ڪرپشن ريفرنسز جي خلاف آصف علي زرداري جون 3 درخواستون رد ڪري فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب پارڪ لين، ميگا مني لانڊرنگ، هريش اينڊ ڪمپني ريفرنسز ۾ عدالت جو وڏو فيصلو اچي ويو. جنهن موجب اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جون پريشانيون گهٽ نه ٿيون. عدالت آصف زرداري جا ريفرنسز رد ڪري بري ڪرڻ جون درخواستون به رد ڪري ڇڏيون.  احتساب عدالت آصف علي زرداري جا ٽي ريفرنسز رد ڪرڻ جي درخواستن تي  محفوظ فيصلو جاري  ڪيو. احتساب عدالت جي جج اعظم خان محفوظ فيصلو ٻڌايو. عدالت جعلي اڪائونٽس ڪيس جي 3 ڪرپشن ريفرنسز ۾ آصف زرداري جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون ۽ آصف علي زرداري جا  ريفرنسز رد ڪرڻ جون درخواستون به رد ڪري ڇڏيون.  عدالت آصف علي زرداري تي ٽنهي ڪرپشن ريفرنسز ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏيندي فيصلو ڏنو آهي ته آصف علي زرداري کي جعلي اڪائونٽس ريفرنسز ۾ بري نٿو ڪري سگهجي. عدالت آصف علي زرداري سميت سمورن جوابدارن کي 28 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو.

Read Previous

سعيد اجمل زمبابوي جي خلاف سيريز ۾ نون رانديگرن کي آزمائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

Read Next

شهباز ۽ نوازشريف وچ ۾ ڪنهن به قسم جا اختلاف ناهن، مريم نواز ترديد ڪري ڇڏي

Most Popular