سعيد اجمل زمبابوي جي خلاف سيريز ۾ نون رانديگرن کي آزمائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

لاهور:    پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي رانديگر سعيد اجمل صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته زمبابوي سان هوم سيريز ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي بهترين پرفارمرز کي موقعو ڏنو وڃي ته مستقبل جي لاءِ رانديگرن جي کيپ تيار ڪرڻ ۾ مدد ملندي.  عماد وسيم کي آرام ڏئي ڪجهه نون بالرن کي موقعو ڏنو وڃي. ٽيم ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ نوجوان رانديگر شامل ڪيا وڃن. ون ڊي ميچن ۾ تجربيڪار رانديگرن کي به اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. ان سان جونيئرز کي سينئرز کان سکڻ جو موقعو ملندو.  هن وڌيڪ چيو ته قومي ٽيم جو انگلينڊ وارو دورو شروع ٿيڻ کان اڳ ئي مون سميت ڪيترن ئي اڳوڻن رانديگرن چيو هو ته اسان شايد هڪ، اڌ ميچ کٽي سگهون ۽ ائين ئي ٿيو ٽيسٽ سيريز ۾ پاڪستان هڪ اننگز ۾ سٺي بالنگ ۽ بيٽنگ کان اڳ ٽيسٽ ۾ کٽڻ جو موقعو هو جيڪو هٿن مان نڪري ويو. ان جو سبب اهو هو ته ياسر شاهه ۽ محمد عباس کان سواءِ اسان وٽ ڪي به ٻيا تجربيڪار بالر نه هئا. 

Read Previous

زمبابوي جي حڪومت پنهنجي ٽيم کي پاڪستان جي دوري جي اجازت ڏئي ڇڏي

Read Next

احتساب عدالت آصف زرداري مٿان لڳل ٽن ريفرنسز ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Most Popular