نوابشاهه: ڊپٽي ڪمشنر ابرار احمد جعفر ايڊز ڪنٽرول پروگرام يونٽ جو افتتاح ڪيو

نوابشاھه : ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ابراراحمد جعفر اڄ پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال نواب شاھه جي ايم ايس ڊاڪٽر آصف رضا بروهي سان گڏجي پي ايم سي اسپتال ۾ ايڊزڪنٽرول پروگرام يونٽ،40 بسترن تي مشتمل آئي سي يو وارڊ،انڊو اسڪوپي، يورولاجي وارڊ سميت جديد ايم آر آئي ۽ سي ٽي اسڪين مشين جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر ابراراحمد جعفر چيو ته ضلعي جي عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ اولين ترجيح آهي انهي لاءِ پي ايم سي اسپتال ۾ وڌيڪ جديد صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن هن وڌيڪ چيو ته اڄ هنن پنجن وارڊن جي فعال ٿيڻ کانپوءِ ضلعي شهيد بينظيرآباد جي عوام سميت سانگهڙ،نوشهروفيروز ۽ ٻين ويجهن ضلعن جي عوام کي پڻ فائدو حاصل ٿيندو هن وڌيڪ چيو ته صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو پاران خصوصي دلچسپي وٺي ضلعي ۾ صحت جون سڀئي جديد سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ڪيل ڪوششون قابل تعريف آهن ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کانپوءِ پي ايم سي اسپتال ۾ ايڊز جي مريضن جي تشخيص ۽ علاج لاءِ وارڊ قائم ڪيو ويو آهي جڏهن ته هاڻي پي ايم سي اسپتال ۾ معدي جي مريضن کي پڻ علاج جون مفت طبي سهولتون ميسر ٿي سگهنديون ڊپٽي ڪمشنر موجوده ايم ايس جي ڪاوشن کي پڻ ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اسپتال ۾ علاج لاءِ ايندڙ مريضن کي صحت جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. ان موقعي تي ايم ايس پي ايم سي اسپتال ڊاڪٽر آصف رضا بروهي چيو ته ٿورو وقت اڳ مون اسپتال جي ايم ايس طور چارج وٺڻ کانپوءِ اسپتال ۾ جديد صحت جي سهولتن جي فراهمي ۽ غريب مريضن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي اڄ هنن پنجن وارڊن جو افتتاح انهن ڪوششن جي پهرين ڪڙي آهي ۽ اڳتي پڻ مريضن کي وڌ کان وڌ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ اسپتال جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن ڪوششون جاري رهنديون ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر محمد صالح خاصخيلي،پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ، ڊاڪٽر سهيل ميمڻ،ذوالفقار علي شاهاڻي،ڊاڪٽر امان الله ڀنگوار،ڊاڪٽر عزيز الله سهتو، ڊاڪٽر غلام قادر،انفارميشن آفيسر شيرمحمد جمالي سميت ٻيا آفيسر ۽ ميڊيا جا نمائندا پڻ موجود هئا.

Read Previous

ترڪي يونان جي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ۽ نيٽو جي ناڪامي..!!!

Read Next

لاڙڪاڻو : پ پ پارٽي يوٿ ونگ پاران چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو

Most Popular