لاڙڪاڻو : پ پ پارٽي يوٿ ونگ پاران چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو

لاڙڪاڻو: پاڪستان پيپلز پارٽي يوٿ ونگ ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري ظهير احمد ناريجو طرفان ڪالھ پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 32 هين سالگرھ جي حوالي سان پارٽي سيڪريٽريٽ ڪينيڊي مارڪيٽ لاڙڪاڻي ۾ تقريب منعقد ڪري ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جنهن تقريب ۾ پي پي يوٿ ونگ ڊويزن لاڙڪاڻي جي جنرل سڪريٽري مهراڻ ناريجو، پي پي ضلعي لاڙڪاڻي جي انفارميشن سيڪريٽري عمران حسن جتوئي، انور علي نواز لهر، وقار ڀٽو، عمران شيخ، منصور کوکر، فاروق چنو، احمد ديناري، طارق ملگاڻي، آصف ڪلهوڙو، سونو حاجاڻو، مشتاق احمد کهڙو ۽ ٻين اڳواڻن توڙي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ظهير احمد ناريجو چيو ته سليڪٽيڊ حڪومت ملڪ جو ٻيڙو ئي ٻوڙي ڇڏيو آهي، اليڪشن کان اڳ عوام کي تبديلي جا خواب ڏيکاري پي ٽي آءِ حڪومت ملڪ جي غريب، مسڪين عوام کان ٻن ويلن جي ماني به کسي ورتي آهي، جڏهن ته سليڪٽيڊ حڪومت وفاقي ادارن مان ڪيترن ئي غريب ملازمن کي نوڪرين تان فارغ ڪري ثابت ڪيو ته هو عوام دشمن حڪومت آهي، جنهن عمل جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته سليڪٽيڊ حڪومت هر لحاذ کان سنڌ جي عوام سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ادا ڪيو آهي، سنڌ جي ماڻهن کي وفاقي حڪومت مان ڪائي به اميد نه آهي، جڏهن ته سليڪٽيڊ حڪومت جا نااهل وزير پنهنجي نااهلي کي لڪائيندي سنڌ حڪومت خلاف واويلا ڪندا آهن، پر پاڪستان جو عوام ڄاڻي ٿو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرائڻ سميت بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏئي روزگار سان لڳايو آهي. يوٿ ونگ اڳواڻ ظهير احمد ناريجو وڌيڪ چيو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ جو عوام پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل آهي ۽ انشاءِ الله تعاليٰ تمام جلد عوام جي طاقت سان نااهل نيازي سرڪار کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو. هوڏانهن تقريب ۾ پي پي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن طرفان پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاءِ خصوصي دعائون پڻ گهريون ويون.         

Read Previous

نوابشاهه: ڊپٽي ڪمشنر ابرار احمد جعفر ايڊز ڪنٽرول پروگرام يونٽ جو افتتاح ڪيو

Read Next

ڪورنگي ضلعي ۾ سنڌ سرڪار جي رٽ ختم، باوجود بچت بازارن ۾ ايس او پيز نظرانداز، بازارن ۾ رش

Most Popular