نوشهروفيروز لڳ ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو،فائرنگ ۾ 2 سولنگي برادري جا ماڻهو قتل

نوشھروفيروز: ڀورٽي لڳ پيار جي پرڻي تان ڀرٽ ۽ سولنگي تقرار ٻيھر ڀڙڪي پيو , قتل جي پلاند ۾ ٻه پورھت  ڳوٺ ڪانڊيرو سولنگي جا رھواسي نوجوان  عبدرزاق سولنگي , امتياز سولنگي بي دردي سان قتل , ٻئي ڌريون مورچا بند فائرنگ جو سلسلو جاري علائقي ۾ فائرنگ سبب ڏھڪاءُ پکڙيل پوليس ڪوبه جوابدار گرفتار نه ڪيو, سولنگي برادري پاران اسپتال جي مين گيٽ اڳيان لاش رکي جوابدارن جي گرفتاري لاء  ڌرڻو ھڻي پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي ,  ٻنھي ڌرين جا ھن وقت تائين  پنج  ماڻھون قتل ٿي ويا آھن لاشن ٺاروشاھ اسپتال مان  پوسٽ مارٽن بعد لاش ورثن حوالي,  ڀورٽي ويجھو ڳوٺ عبدالڪريم ڀرٽ جي ڏھ ھٿياربند جوابدارن جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪري ٻن نوجوان پورھيت ريتي جو ڪاروبار ڪندڙ  عبدالرزاق سولنگي , امتياز سولنگي کي ڳوٺ شفيع محمد سيال ڀرسان جوابدارن فائرنگ ڪري  موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو  ياد رھي ته اٺ مھينا اڳ ٻن ڀرٽ برادري جي نوجوان  جاويد ڀرٽ , صادق ڀرٽ کي سولنگي برادري پاران قتل ڪيو ويو ھو, جڏھن ته  پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي سولنگين جي ڇوڪري  ڀرٽ سان محبت جي شادي ڪرڻ  تان ٻه سال اڳ تڪرار  جي شرعات ٿي جنھن ۾ ھن وقت تائين ٻنھي ڌرين جا  پنج نوجوان  قتل  ٿي ويا آھن  فوتي عبدالرزاق سولنگي ۽ امتياز سولنگي جا لاش ٺاروشاھ  اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي ٻنھي فوتين جا لاش پوليس جي پھري ۾ ڳوٺ ڪانڊيرو سولنگي ۾   پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو خدشو آھي ته ٻنھي ڌرين ڏانھن خونريزي ٿي سگھي ٿي جڏھن ته پوليس جا اٽالا واقعي واري ھنڌ گشت ڪري امن امان کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري علائقي ۾ خوف ۽ حراس جي فضا ختم ڪرڻ ۽ جوابدارن کي گرفتاري لاء ڇاپا ھڻي رھيا آھن

Read Previous

لاڙڪاڻي جي جوڙي ميرپور ماٿيلو جي عدالت پهچي پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

Read Next

شهري اتحاد پاران جوڙيل اينٽي بوگس ڊوميسائيل ڪميٽي جي اي ڊي سي ون رياض حسين لغاري سان ملاقات

Most Popular