لاڙڪاڻي جي جوڙي ميرپور ماٿيلو جي عدالت پهچي پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

ميرپور ماٿيلو : لاڙڪاڻي جو پريمي جوڙو ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج ميرپور ماٿيلو جي عدالت پهچي پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو، پيار جا دشمن پريمي جوڙي جا ويري بڻجي ويا، پريمي جوڙي جي ڳولا جاري، پريمي جوڙو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور، پريمي جوڙي پاران ميرپور ماٿيلو جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي، تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل، عدالت سڳوري پاران ٻنهي ڌرين کي 30 سيپٽمبر تي عدالت طلب ڪري ورتو، پريمي جوڙي پاران احتجاج، جوابدارن خلاف ڪاروائي جو مطالبو، تفصيل موجب لاڙڪاڻي جي وليده محلا جو پريمي جوڙو صائمه ڌي علي اڪبر ڪلهوڙو ۽ پريمي وحيد علي ولد پير بخش بوزدار گذريل ڏينهن ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج ميرپور ماٿيلو جي عدالت پهچي پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پيار جا دشمن پريمي جوڙي صائمه ڪلهوڙو عباسي ۽ وحيد علي بوزدار جا ويري بڻجي ويا آهن، هوڏانهن پريمڪا صائمه ڪلهوڙو عباسي جا مائٽ سندس جي جان جا دشمن بڻجي پريمي جوڙي جي ڳولا جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب پريمي جوڙو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي پيا آهن،  پريمي جوڙي پاران ميرپور ماٿيلو جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ پريمڪا صائمه ڪلهوڙو عباسي ڄاڻايو آهي ته منهنجا گهر ڀاتي لالچي قسم جا هئا، منهنجي شادي ٻي هنڌ هڪ پيرسن سان شادي ڪرائڻ چاهن پيا، پريمڪا صائمه ڪلهوڙو عباسي وڌيڪ ٻڌايو ته مان والدين جي گهران ٽن ڪپڙن ۾ نڪري وحيد علي بوزدار سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي، جنهن تي منهنجا گهر ڀاتي ۽ منهنجا رشتيدار اسان ٻنهي زال مڙس جا ويري بڻجي ويا آهن، هن وڌيڪ چيو مون کي ڪنهن نه اغوا ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن زبردستي ورغلايو آهي ۽ مان پنهنجي رضا خوشي سان وحيد علي بوزدار سان شريعت محمدي موجب شادي ڪئي آهي، عدالت سڳوري کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي، هوڏانهن ان حوالي سان پريمي جوڙي جي وڪيل اعظم سيال رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته پريمي جوڙي پيار جو پرڻو ڪيو آهي سندس جا مائٽ دشمن بڻجي چڪا آهن، ۽ ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ تحفظ لاءِ پٽيشن داخل ڪئي آهي جنهن تي عدالت سڳوري پاران 30 سيپٽمبر تي عدالت طلب ڪري ورتو آهي، هوڏانهن پريمي جوڙي ميڊيا آڏو احتجاج ڪيو ان موقعي تي پريمڪا صائمه ڪلهوڙو عباسي ٻڌايو ته منهنجو پيءُ علي اڪبر ڪلهوڙو عباسي، محمد امين، بدرالدين ڪلهوڙو عباسي ۽ ٻيا اسان جي جان جا دشمن بڻجي چڪا آهن، انهن مان مونکي ۽ منهنجي مڙس کي جان جو خطرو آهي، هن وسوارن کان تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي..

Read Previous

ميروخان شھر اندر صفائي نه ٿيڻ تي عوامي شڪايتن جو ٽائون آفيسر پاران شهر جو دورو

Read Next

نوشهروفيروز لڳ ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو،فائرنگ ۾ 2 سولنگي برادري جا ماڻهو قتل

Most Popular