مني لانڊرنگ ڪيس: شهباز شريف جي ضمانت ۾ اٺاويهه سيپٽمبر تائين واڌ

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ شهباز شريف جي عبوري ضمانت ۾ 28 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار احمد نعيم جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي ته شهباز شريف جي وڪيل امجد پرويز دليلن ۾ چيو ته مخالفن جي آواز کي دٻائڻ لاءِ عالمي تاريخ غداري جي ڪيسن سان ڀريل آهي. وڪيل چيو ته جيڪڏهن ڪنهن شخص کي غلطي سان ضمانت جي رعايت ملي وڃي ته ان غلطي کي ٽرائل ڪورٽ سزا ٻڌائي صحيح ڪندو آهي پر ان جي ابتڙ ڪنهن شخص کي ضمانت جو رليف نه ملي ۽ هو عدالت مان بري ٿي وڃي ته ان جو مداوا ممڪن نه آهي. وڪيل دليل ڏيندي چيو ته شهباز شريف جي خلاف به ڪيس اهڙي طرح جو آهي جيئن ظهور الاهي ذوالفقار علي ڀٽو جي خلاف قائم ٿيا هئا. ايڊووڪيٽ امجد پرويز چيو ته هن معاملي ۾ اپوزيشن اڳواڻ شهباز آهي. وڪيل جي نشاندهي جي آئين ۽ عدالتن هميشه شخصي آزادي جي آجيان ڪئي آهي. وڪيل ٻڌايو ته گرفتاري جي رياستي اختيار تي هميشه عدالت چيڪ رکيو آهي. ٻڌڻي دوران شهباز شريف روسٽرم تي اچي چيو ته مان برطانيه ۾ هئس جڏهن خبر پئي ته ڪورونا جي ڪري اڄ آخري اڏام  پاڪستان وڃي رهي آهي مان ان ڏينهن  پاڪستان واپس اچي ويس. شهباز شريف چيو ته مان نٿو چاهيان ته  اهو چيو وڃي ته مان واپس نه اچڻ جي لاءِ بهانا ٺاهي رهيو آهيان مون پاڻ سرنڊر ڪيو. ان کان علاوه جڏهن شهباز شريف پيشي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ پهتو ته پوليس ڪمانڊوز عدالت جي احاطي کي گهيري رکيو  هو. ڪيترائي ليگي اڳواڻ شهباز شريف سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ عدالت جي ڪمري ۾ پهتا جن ۾ امير مقام، شائسته پرويز ملڪ، عظميٰ بخاري، رانا راشد، احمد پرويز، ملڪ احمد خان ۽ ٻيا شامل هئا. عدالتي ڪارروائي جي شروعات کان اڳ شهباز شريف پنهنجي وڪيلن سان صلاح مشورا ڪندو رهيو. جڏهن ته اعظم نذير تارڙ ۽ عطاءُالله تارڙ کين ڪيس بابت بريفنگ ڏيندا رهيا.  ليگي ڪارڪنن ان موقعي تي عدالت جي ٻاهران نعريبازي ڪندا رهيا. ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنجاب پوليس جي وڏي نفري لاهور هاءِ ڪورٽ کان ٻاهر به موجود هئي جڏهن ته واٽر ڪين به گهرايا ويا هئا. اختيارين غير لاڳاپيل ماڻهن جي عدالت ۾ اچڻ تي پابندي لاڳو ڪئي هئي.

Read Previous

نوازشريف هاڻ ملڪ واپس نه ايندو: شيخ رشيد

Read Next

توهين عدالت ڪيس: نازڪ دل وارا ايتريون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندا آهن: چيف جسٽس

Most Popular