توهين عدالت ڪيس: نازڪ دل وارا ايتريون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندا آهن: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ججن کي قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ بابت ڪيس ۾ چيو ته ايترا نازڪ دل وارا ايتريون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندا آهن.  ججن کي قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ ۽ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ٿي. جوابدار آغا افتخارالدين مرزا عدالت ۾ پيش نه ٿيو. ان جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته مهنجي موڪل کي ڪورونا ٿي ويو آهي. ڪورونا پازيٽو اچڻ کان پوءِ ان جي دل جي اوپن سرجري ٿي آهي.  جوابدار جي وڪيل چيو ته عدالت کان استدعا آهي ته علامه افتخارالدين کي معاف ڪيو وڃي. چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته ايتري نازڪ دل وارا ايتريون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندا آهن؟  علامه افتخارالدين پيش ٿيندو ته معاملن کي ڏسنداسين. جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

مني لانڊرنگ ڪيس: شهباز شريف جي ضمانت ۾ اٺاويهه سيپٽمبر تائين واڌ

Read Next

مولانا فضل الرحمان کي نيب جو سڏ..؟؟

Most Popular