احتساب عدالت ، ريفرنس ، فرد جرم . ڪرپشن :. سيد زوار حسين شاهه

احتساب ان هر هڪ جو ٿيڻ گهرجي جن جن مٿان ڪرپشن جا الزام عائد آهن  پر بدقسمتي سان هنن اکين اهو ڪجهه ڏٺو آهي جيڪو نه ڏسڻ گهرجي ها ، مونکي قائد اعظم محمد علي جناح جي ان خطاب کي عوام اڳيان پيش ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته  پاڪستان انتهائي وڏين تڪليفن قربانين ڏيڻ بعد آزاد ٿيو سمجهان ٿو ته اسان کي ڪافي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون پر  هڪ عرض ڪندس ته ڪجهه به ٿئي ڪرپشن نه ڪجو  ڪرپشن کان پاڪ ملڪ هجي پر اسان قائد جي ان خطاب کي به هوا م اڏائي ڇڏيوسين ، جيتري ڪرپشن پاڪستان ۾ سياستدانن انهن جي واٺن جاگيردار ڀوتارن ڪئي ڪرپٽ مافيه ڪرپٽ آفيسرن پر جنهن کي جتان جڏهن به موقعو مليو انهن  ڪرپشن ڪئي آهي اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان اها ترقي ناهي ڪري سگهيو يجڪا ڪرڻ گهرجي ان جا خاص سبب صرف اهي آهن ته اسان پاڪستان سان سچا گهت ڪرپٽ خور گهنا آهيون  جيڪڏهن مان صرف ننڊن ادارن جنهن ۾ خاص طور بلديات ، صحت ، جي ادارن تي نظر وجهان ته ٿوري عرصي م ڪک پتي هن وقت ڪروڙها پتي ٿي ويا اهن پر ماضي ۾ جيڪڏهن احتساب جي عمل تي ڳالهه ڪنداسين ته انهن ۾ سياسي ڀرتي گهڻو ڪجهه نقصان ڪيو ڪنهن جو به درست طريقي سان احتساب نه ٿيو هن وقت جيڪڏهن مان احتساب جي ڳالهه ڪيان تره ڪافي بهتر ته ٿي رهيو آهي پر پوء به انهن ادارن مٿان جيڪي ڪرپشن جي خاتمي لاڀ ڪم ڪن ٿا  انهن مٿان اهي الزام اهن ته هو صرف اپوزيشن کي جهجڪائڻ کان سواء ڪجهه نه ٿو اچي ، جنهن جا ثبوت اسان جي اڳيان هزاراين پن هوندا ته جيڪڏهن ڪنهن جي پڪڙ ڌڪڙ ٿئي ٿي ته ان جو يا ته ن ليگ يا پ پ سان تعلق هوندو يا جيڪو انهن جي خلاف ڳالهائيندو هوندو ، ڪڏهن ڪڏهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جا قاابل احترام جج صاحبان به اهرن ادارن تي تنقيد ڪندا رهيا آهن ڪڏهن ٻين عدالتن سڳورين جا جج صاحبان پن اهرا ئي بيان ڏيندا آهن ، برحال ملڪ پاڪستان مڪمل تباهه ٿي چڪو آهي غريب ماڻهن سان گڏ مڊل ڪلاس ماڻهون ته وڏو پريشان آهي نه بجلي بل گيس بل نه ٻيا اخراجات پورا ٿي سگهن ٿا گهر جو خرچ به هن وقت نه ٿا ڪري سگهن اهڙو ئي حشر بين ادارن جيان صحت يج ادارن ۾ به اهي اسپتالن ۾ پن غريب عوام کي سواڀ ڌڪن جي ڪجهه به نه پيو ملي ، هاڻ به ريفرنس جن جو تعداد هزاران م آهي جڏهن ته 1226 کان مٿي مڪمل فيصلن جي انتطار ۾ اهن جج صاهبان گهت هئڻ ڪري به ڪافي مسئلا پيدا ٿيا آهن  احتساب عدالت جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس بابت ٽن ريفرنسز مان آجو ڪرڻ بابت آصف زرداري جون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون آهن ۽ مٿس فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سڀني جوابدارن کي 28 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو آهي. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج اعظم خان ميگا مني لانڊرنگ پارڪ لين ۽ ٺٽه واٽر سپلاءِ ضمني ريفرنسز خارج ڪرڻ بابت آصف زرداري جي درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو ۽ آصف زرداري کي ريفرنسز خارج ڪري بري ڪرڻ جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته آصف زرداري کي انهن ريفرنسز مان بري نه ٿو ڪري سگهجي، جڏهن ته عدالت آصف زرداري ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏيندي کين 28 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو آهي. ٻئي طرف وزيراعظم جي گهرو معاملن ۽ احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته شهباز شريف جي سالگرهه تي سندس ڀائيٽي کيس پارٽي مان خارج ڪري ڇڏيو آهي. مريم نواز واضح چيو آهي ته شهباز شريف نواز شريف جو نمائندو نه آهي، اها سراسر شهباز شريف سان زيادتي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهزاد اڪبر چيو ته آئون شهباز شريف کي اڄ سندس سالگرهه تي تحفو ڏيڻ چاهيان ٿو، نيب جو ٽي ٽي ڪيس ريفرنس لاهور جي احتساب عدالت ۾ داخل ٿي ويو آهي، مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نيب شهباز شريف ۽ ٻارن خلاف ريفرنس داخل ڪيو آهي. ريفرنس 25 هزار صفحن ۽ ثبوتن تي ٻڌل آهي، ڪيس ۾ چئن جوابدارن پنهنجو گناهه قبول ڪيو آهي ۽ شهباز شريف خلاف سلطاني شاهد بڻجي ويا آهن، 10 سالن تائين مني لانڊرنگ نيٽ ورڪ ڪيئن هلايو ويو، ان بابت عوام کي آگاهي ڏينداسين. هن چيو ته آرگنائيز گينگ اربين رپين جي مني لانڊرنگ ڪئي، ٽن بي نامي فرنٽ ڪمپنين جو ذڪر به ريفرنس ۾ شامل آهي، اڃا جاچ جاري آهي، گهڻيون شيون سامهون اينديون، پنجاب ۾ جڏهن (ن) ليگ جي حڪومت هئي ته مختلف ٺيڪيدارن کان پئسا ورتا ويندا هئا، مني لانڊرنگ سان حاصل ڪيل ڪارو ڌن شهباز شريف استعمال ڪيو ۽ شهباز شريف چئي رهيو آهي ته ڪاروبار سندس پٽن جو آهي انهن کان پڇيو وڃي. هن چيو ته رمضان شگر ملز شهباز شريف جي آهي جنهن کي حمزه ۽ سلمان ڏسندا هئا، رمضان شگر ملز مان ساڍا 9 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪئي وئي، ڪلرڪ جي اڪائونٽ مان 9 ارب رپيا ٽرانسفر ڪا ويا، نثار گل ۽ علي احمد جي نالي سان ڪمپني ٺاهي وئي، ٻي ڪمپني ان شخص جي نالي تي ٺاهي وئي، جيڪو 25 هزار رپيا پگهار وٺندو آهي، انهن 11 ملازمن ساڍا 9 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪئي، ملڪ مقصود جو ماهوار پگهار 16 هزار آهي ان جي اڪائونٽ ۾ 2.3 ارب رپيا وڌا ويا، ڪمپني جي هڪ شخص هڪ ڪروڙ رپيا حمزي کي ڏنا، ان کي پنجاب بيت المال جو سربراهه لڳايو ويو، ٻه ڄڻا شعيب قمر ۽ مسرور گرفتار آهن. هن چيو ته ڊي ايڇ اي ۾ ٻه گهر به انهن ٽي ٽيز وسيلي خريد ڪيا ويا، تهمينا دراني کي تحفي ۾ ڏنل گهر به ٽي ٽيز مان ورتو ويو، شهباز شريف جي امپورٽيڊ لينڊ ڪروزر جي قيمت به ٽي ٽي وسيلي ادا ڪئي وئي، انهن ماڻهن کان سڌي سنئين رقم ورتي. هن چيو ته شهباز شريف جي سالگرهه تي مريم کيس پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته شهباز شريف نواز شريف جو نمائندو نه آهي، اها شهباز شريف سان زيادتي آهي  جڏهن ته   ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي خواهش آهي ته مان هليو وڃان، آواز اٿارڻ جي ڏوهه ۾ مون سميت ٻين کي به جيل وڃڻو پيو ته اسان تيار آهيون. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز شريف چيو ته سليڪٽڊ حڪومت ۽ وزيراعظم کان 22 ڪروڙ عوام مايوس ٿي چڪو آهي، حڪومت سوا ٻن سالن ۾ قوم لاءِ ڇا ڪيو؟ اهو سڀ ڀِت تي لکيل نظر اچي رهيو آهي، پي ٽي آءِ حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ عوام کي سٺا خواب ڏيکاريا هئا پر هاڻ عوام حڪومت کان بيزاري جي انتها تي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ فارن اڪائونٽس ڪيس جو فيصلو اڃا تائين نه آيو، عليمه باجي جي ٻاهرين ملڪ ملڪيتن تي ڪير ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي، هن ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو ورتو، عمران نيازي به ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو ورتو. سندس چوڻ هو ته اسان ماضي ۾ عذاب ڀوڳي چڪا آهيون، عمران خان ايترو ظلم ڪري جيترو سهي سگهي، اسان کير جا ڌوتل ناهيون پر نيب نيازي ڳٺ جوڙ ملڪ ۾ غلط ڪيسن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته کنڊ ۽ دوائن اسڪينڊل جو ڇا ٿيو؟ کنڊ اسڪينڊل ۾ جوابدار عمران خان ۽ عثمان بوزدار آهن، مون کي ٻڌايو ته عمران خان خلاف هيلي ڪاپٽر اسڪينڊل جو ڇا ٿيو؟ جيڪڏهن فيس نه ڪيس ڏسندا آهيو ته کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿيڻ گهرجي ها، فيس نه ڪيس ڏسڻ جي دعويٰ ڪندڙ ڇو چُپ آهن؟ شهباز شريف چيو ته آواز اٿارڻ جي ڏوهه ۾ مون سميت ٻين کي به جيل وڃڻو پيو ته تيار آهيون، اسان جي بيشمار منصوبن ۾ ذري جي ڪرپشن به سامهون نه آندي وئي، عمران خان جي خواهش آهي ته مان جيل وڃان، منهنجي خلاف ڪرپشن ثابت ٿي وڃي ته منهنجي مُئل جسم کي ٽنگيو وڃي برهال مان عرض ڪندس ته پاڪستان م احتساب عداللتون ڪم ڪن پيون پر جنهن طرح سان هاڻ سياسي پارتيون  حڪومت وقت مٿان ڪرا الزام هني رهيا آهن  جنهن کان پوء سواليه نشان اچي ٿو ڪئي سوال اڀرن ٿا ته جيڪڏهن احتساب يڪسان نه ٿيو ته وري ڪو سياسي بحران پيدا ٿي سگهي ٿو ان ڪري في الفور  جن جن مٿان به پڪا ثبوت آهن گواه موجود آهن  انهن کي پڪڙي قانون جي ڪتهڙي م بيهاري فوري فيصلو ڏيئي قانوني ڪاراوائي يٿڻ گهرجي پر  اپوزيشن سان گڏ جيڪي  حڪومت وقت جا وزير اهن همدرد آهن  انهن جو به نمبر اچڻ گهرجي ، جيڪڏهن صرف اپوزيشن ئي نشانو بڻجندي رهي ته پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان پهچي سگهي ٿو اعتماد ختم ٿي سگهي ٿو  مان عرض ڪندس ته احتساب عدالت هن وقت تائين بهترين ڪم پئي ڪري ، رهي ڳالهه نيب ۽ بين ادارن جي جيڪي ڪرپشن جي خاتمي لاڀ ڪم ڪن پيا ته انهن کي يڪسوئي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ،

Read Previous

مولانا فضل الرحمان کي نيب جو سڏ..؟؟

Read Next

لاڙڪاڻي : کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لاءِ وارثن جو احتجاج

Most Popular