لاڙڪاڻي : کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لاءِ وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان پنهنجي پيارن جي تصويرن وارا بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اقصيٰ دايو، نصرت دايو، رحمت خاتون سومرو، عبداللطيف سولنگي، عبدالڪريم ٽڳڙ، ضياءُ الدين مغيري ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي مان مختلف وقتن تي ڪيترن سالن کان کنڀي گم ڪيل نظر پاڙي جي رهواسي انصاف دايو، ڳوٺ وڏا ڦل جي رهواسي غلام مرتضيٰ سولنگي، شهر جي ايوب ڪالوني واسي ڪاشف علي ٽڳڙ توڙي ڪراچي مان مهينو اڳ کنڀي گم ڪيل ٻن ڀائر شيراز ۽ فراز سومرو هن وقت تائين آزاد نه ٿي سگهيا آهن نه ئي سندن بابت ڪا خبر پئجي سگهي آهي ته هو ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهن. هنن چيو ته اسان جي پيارن کي بنا ڏوھ جي کنڀي قيد ڪيو ويو آهي، جن جو ڪنهن سياسي تنظيم سان تعلق نه رهيو آهي هو پنهنجي گهر ڀاتين جي ڪفالت ڪندڙ فرد آهن، سندن کنڀجڻ کان پوءِ سمورا وارث سخت مايوسي ۽ پريشاني ۾ مبتلا آهن. هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي پيارن کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

احتساب عدالت ، ريفرنس ، فرد جرم . ڪرپشن :. سيد زوار حسين شاهه

Read Next

خيرپور: ڊپٽي ڪمشنر احمد علي قريشي آبادگارن جو نوٽيس

Most Popular