لاهور: ڪراچي ڪنگز جو هيڊ ڪوچ ۽ آڳوڻو آسٽريلوي رانديگر ڊين جونز دل جو دورو پوڻ سبب ڀارتي شهر ممبئي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو هن وقت ڀارتي شهر ممبئي ۾ ترسيل هو جتي کيس دل جو دورو پيو. ڊين جونز جي عمر 59 سال هئي. ڊين جونز 1987ع ۾ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ آسٽريلوي ٽيم جو ميمبر هو ۽ هن 52 ٽيست ۽ 164 ون ڊي انٽرنيشنل ميچ کيڏيا آهن. آسٽريلوي رانديگر ڊين جونز پاڪستان ڪرڪيٽ سان به ڪافي لڳاءُ هو پاڪستان سپرليگ ۾ نه صرف هن ڪوچنگ جا فرض انجام ڏنا پر ڪيترائي ڀيرا پاڪستان جو دورو ڪري عالمي ٽيمن کي پيغام به ڏنو ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جو ڪوبه مسئلو نه آهي. ڊين جونز پاڪستان سپرليگ ۾ شروعاتي طور تي اسلام آباد يونائٽيڊ سان جڙيل رهيو پر بعد ۾ هن ڪراچي ڪنگز ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. واضح رهي ته دين جونز 52 ٽيسٽن ۾ 3631 رنسون ٺاهيون جنهن مان 11 سينچريون شامل آهن جڏهن ته هن 164 هڪ ڏينهن وارا ميچ کيڏيا جنهن ۾ هن 6063 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ 7 سينچريون ۽ 46 نصف سينچريون شامل آهن.