ڊونلڊ ٽرمپ ميگهن مارڪل سان به ناراض ٿي پيو

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا پهتل شهزادي ميگهن مارڪل سان به ناراض ٿي پيو آهي. ميگهن مارڪل ۽ شهزادي هيري پاران جوبائيڊن جي حمايت ۾ وڊيو ٺاهڻ آمريڪي صدر کي خراب لڳو. صدر ترمپ چيو آهي ته هو ميگهن مارڪل جو فين ناهي پر شهزادي هيري جي لاءِ دعاگو آهي. هن چيو ته ميگهن سان جڙڻ بعد آئون شهزادي هيري لاءِ دعاگو آهيان. ياد رهي ته شهزادي هيري ۽ ميگهن مارڪل هڪ وڊيو ۾ آمريڪي شهرين کي نفرت تي ٻڌل تقريرن کي رد ڪرڻ ۽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اپيل ڪئي هئي.

Read Previous

اڳوڻو آسٽريلوي رانديگر ۽ ڪراچي ڪنگز جو هيڊ ڪوچ ڊين جونز لاڏاڻو ڪري ويو

Read Next

نائجيريا ۾ گيس ٽينڪر جو ڌماڪو: نو شاگردن سميت اٺاويهه ڄڻا مارجي ويا

Most Popular