اڳوڻو آسٽريلوي رانديگر ۽ ڪراچي ڪنگز جو هيڊ ڪوچ ڊين جونز لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور: ڪراچي ڪنگز جو هيڊ ڪوچ ۽ آڳوڻو آسٽريلوي رانديگر ڊين جونز دل جو دورو پوڻ سبب ڀارتي شهر ممبئي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو هن وقت ڀارتي شهر ممبئي ۾ ترسيل هو جتي کيس دل جو دورو پيو.  ڊين جونز جي عمر 59 سال هئي. ڊين جونز 1987ع ۾ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ آسٽريلوي ٽيم جو ميمبر هو ۽ هن 52 ٽيست ۽ 164 ون ڊي انٽرنيشنل ميچ کيڏيا آهن. آسٽريلوي رانديگر ڊين جونز پاڪستان ڪرڪيٽ سان به   ڪافي لڳاءُ هو پاڪستان سپرليگ ۾  نه صرف هن ڪوچنگ جا فرض انجام ڏنا پر ڪيترائي ڀيرا پاڪستان جو دورو ڪري عالمي ٽيمن کي پيغام به ڏنو ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جو ڪوبه مسئلو نه آهي. ڊين جونز پاڪستان سپرليگ ۾  شروعاتي طور تي اسلام آباد  يونائٽيڊ سان جڙيل رهيو پر بعد ۾ هن ڪراچي ڪنگز ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي.  واضح رهي ته دين جونز 52 ٽيسٽن ۾ 3631 رنسون ٺاهيون جنهن مان 11 سينچريون شامل آهن جڏهن ته هن 164 هڪ ڏينهن وارا ميچ کيڏيا جنهن ۾ هن 6063 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ 7 سينچريون ۽ 46   نصف سينچريون شامل آهن.

Read Previous

فنڊن جي کوٽ سبب قومي راند هاڪي کي ختم ڪرڻ جي تجويز

Read Next

ڊونلڊ ٽرمپ ميگهن مارڪل سان به ناراض ٿي پيو

Most Popular