نوابشاهه:نوابشاهه: ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنيد حميد پاران ينگي ۽ مليريا بابت اجلاس

نوابشاهه (ھه آ)ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر I شھيد بينظيرآباد جنيد حميد سمون جي صدارت ھيٺ ڊينگي ۽ مليريا جي روڪ ٿام لاءِ قائم ڊسٽرڪٽ رسپانس ڪميٽي جو ھڪ اجلاس درٻار ھال ۾ ٿي گذريو اجلاس کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنيد حميد سمون چيو ته ڊينگي ۽ مليريا بخار کان بچاءُ لاءِ مڇر مار اسپري سان گڏوگڏ عوام ۾ شعور بيدار ڪيو وڃي ته جئين ان خطرناڪ بيماري کان بچي سگھجي ڇاڪاڻ ته ڊينگي بخار جو نه ڪو خاص علاج آھي نه ئي ويڪسين موجود آهي صرف احتياطي تدبيرن ذريعي ھن بيماري کان بچاءُ ممڪن آهي ھن وڌيڪ چيو ته ھن وقت شھيد بينظيرآباد ضلعي ۾ ڊينگي جي حوالي سان خطري جي ڪابه صورتحال ناھي پر ان جي باوجود ضلع انتظاميه حفاظتي قدم کڻي رھي آھي ته جئين عوام کي ڊينگي بخار سميت ٻين بيمارين کان بچائي سگھجي ھن ميونسپل ۽ ٽائون آفيسرن کي ھدايت ڪئي ته هو پنهنجي علائقن ۾ پاڻي جي نيڪال سان گڏوگڏ صاف پاڻي جي تلائن ۾ ڊينگي کان بچاءِ جي دوائن جو استعمال ڪيو وڃي جڏهن ته گاڏين کي پنڪچر لڳائڻ واري دڪانن ۾ موجود ٽائرن ۽ زير تعمير جائين جي مالڪن کي صاف پاڻي کي ڍڪي رکڻ ۽ مڇر مار اسپري ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر انهن کي وڌيڪ هدايت ڪندي چيو ته جن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هن وقت تائين مڇر مار اسپري ناهي ٿيو ان علائقن ۾ اسپري جو شيڊيول ٺاهي صحت کاتي جي اينٽي مليريا پروگرام جي حوالي ڪيو وڃي ته جئين ان علائقن ۾ اسپري لاءِ اينٽي مليريا پروگرام پاران دوائون ۽ اسپري مشين فراهم ڪئي وڃي ان موقعي تي اجلاس کي آگاهي ڏيندي سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ رسپانس ڪميٽي ۽ ڊينگي ۽ مليريا بابت فوڪل پرسن ڊاڪٽر محمد عمر جمالي ٻڌايو ته اينٽي مليريا ۽ ڊينگي پروگرام جي تحت سڄي ضلعي ۾ مڇر مار اسپري جاري آهي 22 سيپٽمبر تائين ضلعي جي 30 يونين ڪائونسلن جي 637 ڳوٺن ۾ مڇر مار اسپري ۽ 30 ڳوٺن ۾ مڇرن جي آنن ۽ لاروان جي خاتمي لاءِ اسپري پڻ ڪيو ويو آهي هن وڌيڪ ٻڌايو ته هاڻي تائين ضلعي شهيد بينظيرآباد جي ڪنهن به علائقي ۾ ڊينگي بخار جي متاثرن جي تشخيص ناهي ٿي جڏهن ته گذريل سال ضلعي سان تعلق رکندڙ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهائش پذير 33 ماڻهن ۾ ڊينگي بخار جي تشخيص ٿي هئي هن وڌيڪ ٻڌايو ته پي ايم سي اسپتال نوابشاھه ڊينگي وارڊ قائم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن سان گڏ ليڊي هيلٿ ورڪرن جي ذريعي گهر گهر عوام ۾ ڊينگي کان بچاءَ بابت آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ پروگرام ترتيب ڏنا پيا وڃن.اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر يارعلي جمالي،ايڊيشنل ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ پي ايم سي ڊاڪٽرامان الله،ريجنل مينيجر پي پي ايڇ آئي رمضان علي شاھه،ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ عبدالستار راٺور سميت تعلقن اسپتالن جي ايم ايس ۽ ٽائون آفيسرن شرڪت ڪئي.

Read Previous

حڪومت ۽ اپوزيشن معاملو سنگين آهي..؟؟؟

Read Next

لاڙڪاڻو: گهر بچايو تحريڪ پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ريلي

Most Popular