لاڙڪاڻو: گهر بچايو تحريڪ پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ريلي

لاڙڪاڻو:  لاڙڪاڻي ۾ رائيس ڪئنال، گهاڙ واھ ۽ آبڙو واھ جي ٻنهي ڪپرن ڀرسان رهندڙ شهرين طرفان گهر بچايو تحريڪ جي سڏ تي احتجاجي ريلي ڪڍي جناح باغ چوڪ وٽ مظاهرو ڪري نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو، جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. جڏهن ته احتجاج ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي انفارميشن سيڪريٽري عمران حسن جتوئي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي گهر بچايو تحريڪ جي اڳواڻن عبدالعزيز عباسي، شفيق احمد چانڊيو، لعل جان لاشاري، محمد مٺل جوڻيجو، محمد قاسم چانڊيو، اختيار علي کرل، ڊاڪٽر ذوالفقار چانڊيو ۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته لاڙڪاڻي شهر مان گذرندڙ رائيس ڪئنال، گهاڙ واھ ۽ آبڙو واھ جي ٻنهي ڪپرن وارن علائقن ۾ اسان ڪيترن ئي سالن کان رهندڙ آهيون، 2016ع ۾ لاڙڪاڻي جي مختيارڪار اسان جي هزارين گهرن کي ديھ، تپو ۽ تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن ته 2018ع ۾ ڄاڻايل گهرن کي 17 عدد ڪچيون آباديون لکت ۾ ڄاڻايون ويون آهن، جڏهن ته اسان گهرن ۾ بجلي ۽ گئس جي سهولتن پڻ استعمال ڪري رهيا آهيون، پر آبپاشي کاتي جي عملدارن سروي ڪندڙن کي مس گائيڊ ڪندي رائيس ڪئنال، گهاڙ واھ ۽ آبڙي واھ جي ٻنهي پاسن کان ماپ ڪري اٽڪل 5 سو فٽن جا نشان لڳائي ڇڏيا آهن، هڪ دفعو ٻيهر غريب، مسڪين ماڻهن جي گهرن کي ڊاهڻ لاءِ علان ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري رهواسين ۾ سخت بيچئني ڇانيل آهي. هنن چيو ته اسان 2016ع کان وٺي مختلف وقتن تي احتجاجي ريليون ڪڍي ڌرڻا، جلسه ۽ جلوس منعقد ڪري انصاف لاءِ آواز اٿاريندا رهيا آهيون، پر هن وقت تائين سنڌ سرڪار طرفان اسان جي هزارن گهرن کي بچائڻ لاءِ ڪا به قانون سازي ڪرڻ ڪجھ به ناهي ڪيو ويو، سرڪاري طرفان ڪو به نمائيندو اسان سان قانوني ۽ جائز رستو پڇڻ لاءِ لڙي نه آيو آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي گهرن کي ڊاهڻ کان بچايو وڃي. ان موقعي تي پي پي لاڙڪاڻي جي اڳواڻ عمران حسن جتوئي ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي هن احتجاجي ڌرڻي ۾ شامل ٿيا آهيون ۽ توهان کي پنهنجي قيادت طرفان يقين ڏياريون ٿا ته اسان توهان سان هر جاءِ، هر هنڌ گڏ آهيون ۽ گڏ هونداسين، اوهان جا گهر بچائڻ لاءِ جيڪي به قانوني رستا آهن اهي اختيار ڪنداسين، جيڪڏهن مشينري گهرائي توهان جي گهرن کي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سڀ کان پهرين مشينن جي آڏو اسان پاڻ بيهنداسين ۽ گهر بچائڻ لاءِ پنهنجون جانيون به ڏينداسين، پر ڪنهن به صورت ۾ غريب مسڪين ماڻهن جي گهر کي ڊاهڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي طرفان اوهان جي علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي بنيادي سهولتون مهيا ڪيون آهن، پر خبر نه آهي ته وفاقي حڪومت کي ڪهڙي تڪليف آهي جو هنن غريب مسڪينن جا گهر ڊاهي سندن بي گهر ڪرڻ چاهي ٿي، سڄي ملڪ ۾ وفاقي حڪومت کي غير قانوني قبضه نظر نه ٿا اچن، رڳو رائيس ڪئنال جي ڪپرن مٿان انهن کي قبضه نظر اچي رهيا آهن، جڏهن ته لاڙڪاڻو سميت نئون ديرو، سيوڻ ۽ دادو ۾ رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل غريب مسڪين ماروئڙن جا ڊاهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي.

Read Previous

نوابشاهه:نوابشاهه: ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنيد حميد پاران ينگي ۽ مليريا بابت اجلاس

Read Next

سجاول: تحريڪ انصاف جو اڳواڻ حليم عادل شيخ برسات متاثر علائقن جو دورو

Most Popular