سمورا پاڙيسري ملڪ ڀارتي شيطانيت جو شڪار آهن:فواد چوڌري

اسلام آباد: وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته بنگلاديش، نيپال ۽ پاڪستان سڀ مودي جي هندستان جي شيطانيت کان متاثر آهن. ڀارت ۾ 11 پاڪستاني هندن جي قتل خلاف پاڪستان هندو ڪائونسل جي ڌرڻي کي خطاب ڪندي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جوڌپور ۾ ٻارن سميت 11 معصوم پاڪستاني پراسرار نموني فوت ٿيا، هي پاڪستان جا ٻار ۽ پاڪستان جون عورتون هئا، انهن جي ڀارت وڃڻ سان رشتو ختم نه ٿيو هو. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته هندستان ۾ جيڪا زيادتي ٿي ان تي ڀارتي سلوڪ نامناسب آهي، پاڪستاني هندن کي مجبور پئي ڪيو ويو ته هو آر ايس ايس جو حصو ٿين، هنن جي انڪار تي پاڪستاني هندن جو قتل ڪيو ويو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته مودي ڀارت کي جهڙيءَ طرح فاشست حڪومت ۾ تبديل ڪيو آهي ان سان ڀارت جا سمورا پاڙيسري ملڪ متاثر آهن.

Read Previous

سپريم ڪورٽ اي پي ايس جي جوڊيشل رپورٽ پبلڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Read Next

وزيراعظم اڄ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندو

Most Popular