وزيراعظم اڄ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندو

اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان اڄ جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندو. وزيراعظم عمران خان اڄ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ خطاب ڪندو ۽ ڪشمير مسئلي کي اجاڳر ڪندي ڀارت جي اصل چهري کي وائکو ڪندو. وزيراعظم اسلام فوبيا ۽ ڪووڊ-19 خلاف پاڪستان جي ڪاميابي کي به اجاڳر ڪندو. ياد رهي ته ڪورونا وبا سبب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو هي ساليانو اجلاس هن دفعي ورچوئل ٿي رهيو آهي جڏهن ته اجلاس ۾ اڳواڻن جو ريڪارڊ ڪيل خطاب نشر ڪيو ويندو.

Read Previous

سمورا پاڙيسري ملڪ ڀارتي شيطانيت جو شڪار آهن:فواد چوڌري

Read Next

ماضي جي آءِ پي ايل پارٽين ۾ ڪوڪين جي استعمال جو انڪشاف

Most Popular