عمرڪوٽ جون 60 سيڪڙو زرعي زمينون برساتن ۽ سيلاب ڪري متاثر ٿيون آهن:يوسف ٽالپر

عمرڪوٽ: وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه جي خصوصي هدايتن تي رين ايمرجنسي فوڪل پرسن ضلعي عمرڪوٽ ۽ صوبائي وزير انفارميشن سائينس اينڊ ٽيڪنالوجي نواب تيمور خان ٽالپر پاران ايم اين اي نواب محمد يوسف ٽالپر ، ايم پي اي راڻا همير سنگهه، پي ايس 52 جي نامزد اميدوار سيد امير علي شاهه سان گڏجي ضلعي عمرڪوٽ ۾ موجوده برساتن سبب ٿيل نقصان ۽ سموري ضلعي ۾ سيلاب جو پاڻي ڪڍڻ وارين امدادي سرگرمين  جي متعلق سورهيه بادشاهه ڪامپليڪس هال ۾ ضلعي انتظاميه سان گڏجي هڪ اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي پي پي ايم اين اي نواب محمد يوسف ٽالپر چيو ته ضلعي عمرڪوٽ جون 60 سيڪڙو زرعي زمينون موجوده برساتن ۽ سيلاب جي پاڻي جي ڪري متاثر ٿيون آهن ۽ سيلاب جي پاڻي جي نيڪالي جي لاءِ جلد کان جلد قدم  کنيا وڃن ڇاڪاڻ ته ايندڙ خريف جي پوکائي زرعي زمينن تي  بيٺل پاڻي سبب متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي جيڪو وڏو معاشي نقصان ثابت ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته جتي به وڌيڪ اليڪٽريڪ واٽر پمپس ۽ ٽرانسفامر جي لڳائڻ جي اشد ضرورت آهي ته ان جي سروي ڪري رپورٽ ڏني وڃي ، هن چيو ته ضلعي عمرڪوٽ ۾ حاليه برساتن سبب ٿيل نقصان وارن علائقن ۾ هلندڙ امدادي سرگرمين کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ۽ هريوسي جي مڪمل سروي ڪري ماڻهن کي امدادي راشن جا ڪٽا فراهم ڪيا وڃن، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته زرعي زمينن کان سيلاب جو پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي حڪمت عملي جوڙي وڃي ۽ تمام زميندار پنهنجو مڪمل تعاون ڪن، ان موقعي تي رين ايمرجنسي فوڪل پرسن ضلعي عمرڪوٽ ۽ صوبائي وزير انفارميشن سائينس اينڊ ٽيڪنالوجي نواب تيمور خان ٽالپر اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ضلعي عمرڪوٽ جي سمورين زرعي زمينن کان برساتي پاڻي جي نيڪالي لاءِ ضلعي انتظاميه، ايريگيشن کاتي، حيسڪو کاتي، ايگريڪلچر کاتي، ايڪسي اين مٺڙائو، ايڪسي اين ٿر ڪئنال سميت تمام لاڳاپيل کاتن پنهنجو گڏيل پلان جوڙي هنگامي بنيادن تي سيلاب جو پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ قدم کڻن، هن چيو ته امدادي ڪمن ۾ وڌيڪ واٽر پمپس، اليڪٽرڪ موٽر پمپس ۽ ٽرانسفارمر لڳائڻ جي ضرورت آهي ته انهن جي تعداد کي وڌايو وڃي ۽ مشينن کي فوري طور خريد ڪري جلد کان جلد ضلعي عمرڪوٽ جي سمورين زرعي زمينن کان سيلاب جو پاڻي ڪڍيو وڃي ۽ زميندارن کي رليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي، هن چيو ته ضلعي عمرڪوٽ ۾ حاليه برساتن  ۽ ٻوڏ متاثرين ماڻهن ۾ امدادي سامان برابري جي بنياد تي تقسيم ڪيو وڃي ۽ خصوصي طور تي جن علائقن ۾ ٻوڏ سبب ڪچا گهر ڊهي چڪا آهن انهن کي جلد کان جلد ٽينٽ فراهم ڪيا وڃن، هن وڌيڪ چيو ته جنهن علائقي ۾ موجوده برساتن سبب ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿيا آهن انهن کي رليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ انهن جي بحالي جي لاءِ ڪم کي فوري طور مڪمل ڪيو وڃي، ان موقعي تي ايم پي اي راڻا همير سنگهه خطاب ڪندي چيو ته زرعي زمينن کان سيلاب جو پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ سمورا زميندار پنهنجا ٽريڪٽر ۽ ٻيون مشينون والنٽريلٽي ڏيڻ جي لاءِ تيار آهن پر ضلعي انتظاميه ڊيزل ۽ پيٽرول فراهم ڪري ۽ سيلاب جو پاڻي جلد کان جلد ڪڍيو وڃي، ان موقعي تي پي ايس 52 جي نامزد اميدوار سيد امير علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته ڇور ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جي زرعي زمينن کان سيلاب جو پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ والنٽريلي طور تي ٽي ٽريڪٽر ڏيڻ  جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته هن صورتحال ۾ سمورا زميندار پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ۽ جلد کان جلد سيلاب جو پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ ضلعي انتظاميه سان ملي ڪري انهن جي مدد ڪن، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نديم الرحمن ميمڻ پاران اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي عمرڪوٽ ۾ موجوده برساتن ۽ سيلاب جي صورتحال جي ڪري 6 لک 97 هزار ماڻهو ٻهراڙي جي علائقن ۾ برساتن سبب متاثر ٿيا آهن ۽ ان ۾ هن وقت تائين 18 هزار ماڻهن جي رجسٽريشن ڪري رليف فراهم ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ٻين علائقن ۾ رليف جون سرگرميون جاري آهن، ان موقعي تي سابقه وائيس چئرمين ضلع ڪائونسل حاجي محمد بقا پلي، سابقه چئرمين ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ خالد سراج سومرو، ايس ايس پي عمرڪوٽ عامر عباس شاهه، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون سڀاش چندر، چئن تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڪسي اين ٿر ڪئنال، ايڪسي اين روڊس، ايڪسي اين ايريگيشن، ايڪسي اين پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، ڊپٽي ڊائڪٽر لائيو اسٽاڪ، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر،  ڊسٽرڪٽ هليٿ آفيسر ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.

Read Previous

سرحد بائي پاس ڀرسان زمين تان قبضو ڇڏائڻ لا۽ پوليس جو گھيرو.ڇڪتاڻ بعد قبضو ختم

Read Next

سعودي عورتن ايمبولينس سروس جي ذميداري به سنڀالي ورتي

Most Popular