سعودي عورتن ايمبولينس سروس جي ذميداري به سنڀالي ورتي

رياض: اسلامي دنيا جي اهم ملڪ سعودي عرب ۾ توڙي جو 2 سال اڳ ئي عورتن کي ڊرائيونگ جي اجازت ملي وئي هئي پر هاڻ سعودي عورت ايمبولينس سروس شعبي ۾ پڻ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏينديون. عورتن کي ڊرائيونگ جي اجازت ملڻ کانپوءِ سعودي حڪومت ٻين شعبن به هنگامي طبي امداد ڏيڻ واري شعبي يعني ميڊيڪل ايمبولينس سروسز ۾ به عورتن کي خدمتون انجام ڏيڻ جو اشارو ڏنو هو. گذريل 2 سالن دوران سعودي عرب ۾ هنگامي طبي امداد جي شعبي ۾ ڪيترين ئي عورتن شموليت اختيار ڪئي آهي ۽ هاڻ اتي ايمبولينس جي ڊرائيونگ سميت طبي امداد جون ٻيون ذميداريون به عورتن سنڀالي ورتيون آهن.

Read Previous

عمرڪوٽ جون 60 سيڪڙو زرعي زمينون برساتن ۽ سيلاب ڪري متاثر ٿيون آهن:يوسف ٽالپر

Read Next

سکن جي پارٽي شرومني اڪالي دل ڀارتي حڪومت کان الڳ ٿي وئي

Most Popular