پي سي بي ڊوميسٽڪ ڪانٽريڪٽ جي ڪيٽيگريز جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) 192 رانديگرن جي لاءِ ڊوميسٽڪ ڪانٽريڪٽ جي ڪيٽيگريز جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.  پي سي بي اختيارين ان موقعي تي چيو ته ڪانٽريڪٽ جي ڪيٽيگريز جي لاءِ رانديگرن جي چونڊ صاف شفاف طريقي سان ڪئي وئي آهي. 192 رانديگرن مان 10 رانديگرن کي اي پلس ڪيٽيگري سان نوازيو ويو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪانٽريڪٽ جي اي ڪيٽيگري ۾ 38 رانديگرن کي شامل ڪيو ويو  جڏهن ته بي ڪيٽيگري 47 رانديگرن تي ٻڌل آهي.  ڪيٽيگري گڏيل طور تي 71 رانديگرن تي ٻڌل آهي. پي سي بي اختيارين موجب 26 رانديگرن کي ڊي ڪيٽيگري ۾ جڳهه ڏني وئي آهي. تفصيل موجب اي پلس ڪيٽيگري جي رانديگرن کي ڏيڍ لک روپيه ماهوار وظيفو ڏنو ويندو جڏهن ته اي ڪيٽيگري جي رانديگرن کي 85 هزار روپيه ماهوار وظيفو ڏنو ويندو.  پي سي بي اختيارين جو چوڻ آهي ته بي ڪيٽيگري جي رانديگرن کي 75 هزار روپيه ماهوار وظيفو ڏنو ويندو ۽ سي ڪيٽيگري جي رانديگرن کي 65 هزار روپيه ماهوار وظيفو ڏنو ويندو.  ڊي ڪيٽيگري ۾ شامل 26 رانديگرن کي 40 هزار روپيه ماهوار وظيفو ڏنو ويندو.

Read Previous

آءِ فون 12 جي قيمت ڪيتري هوندي؟

Read Next

زمبابوي خلاف سيريز: مصباح ٽيم ۾ وڌيڪ تبديليون نه ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

Most Popular