آءِ فون 12 جي قيمت ڪيتري هوندي؟

لنڊن: سڄي دنيا ۾ آءِ فون جي صارفين کي آٰءِ فون 12 جي اچڻ جو انتظار آهي جيڪو هلندڙ سال عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب دير جو شڪار ٿي ويو آهي.  آءِ فون 12 جي حوالي سان هر گذرندڙ ڏينهن کان پوءِ مختلف خبرون سامهون اچي رهيون آهن. جڏهن ته اهو به چيو پيو وڃي ته ايپل 13 آڪٽوبر 2020 تي آءِ فون 12 لانچ ڪندو. هاڻ تازو ئي وال اسٽريٽ جي تجزيه ڪارن آمريڪي خبرون ڏيندڙ اداري سان ڳالهين ۾ چيو آهي ته  اسان کي اميد آهي ته آءِ فون 12 جي قيمت آءِ فون 11 جي مقابلي ۾ 100 ڊالر وڌيڪ مهانگي هوندي. آمريڪي بينڪ جي تجزيه ڪار وامسي موهان چيو هو ته هن سال آءِ فون 12 جي قيمت 100 ڊالر تائين مهانگي هوندي. ڇو ته هن ماڊل ۾ سپر فاسٽ 5 جي ڪنيگٽيويٽي جو به اضافو هوندو. پر آءِ فون 12 جي قيمت ۾ اضافي جي حوالي سان ڪمپني طرفان ڪابه تصديق نه ڪئي وئي آهي.

Read Previous

لوڊو راند ۾ شڪست کان پوءِ ڌيءَ پيءُ خلاف عدالت پهچي وئي

Read Next

پي سي بي ڊوميسٽڪ ڪانٽريڪٽ جي ڪيٽيگريز جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular