نصيرآباد:رائيس ڪنال جي انجنئیر کي هٽائي معاشي تباهي کان بچايو آباد گارن جو احتجاج

نصيرآباد:رائيس ڪنال جي انجنئیر کي هٽائي معاشي تباهي کان بچايو آباد گارن جو احتجاج.  تفصيل موجب:نصيرآباد مان گذرندڙ آرٿر شاخ جي پڇڙي ۾پاڻيءَ جي کوٽ سبب هزارين ايڪڙ تي پوکيل ساريالو فصل سڪڻ لڳو آهي، ڳوٺ الله بخش کوسو، آڏي لاشاري، دلدار کوسو ،مڱيون مسڻ ۽الله رکيو جلباڻي جي رھواسي آبادگارن صحافين سان فون تي رابطو ڪري چيو تہ آرٿر شاخ جي پڇڙي ۾ مسلسل پاڻيءَ جي کوٽ سبب ساريالو فصل سڪي رهيو آهي. هنن چيو تہ هڪ تہ پاڻيءَ دير سان اچڻ ڪري رونبا به دير سان ٿيا آهن، هنن چيو تہ رائيس ڪئنال جي انجنيئر ۽ ٻين آفيسرن کي بار بار دانهون ڏيڻ باوجود هو ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، هنن چيو تہ پاڻيءَ نه هئڻ ڪري ساريالو فصل سڪي رهيو آهي، آبادگارن آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو ته انجنيئر کي هٽائي آرٿر شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻيءَ پهچائي اسان کي معاشي تباهي کان بچايو وڃي.

Read Previous

انساني روپ ۽ زندگي غلام مصطفي جمالي

Read Next

لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺ صوبو خان واسي عورت جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندي

Most Popular