لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺ صوبو خان واسي عورت جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندي

لاڙڪاڻو : لاڙڪاڻي ۾ ڳڙهي خيرو تعلقي جي ڳوٺ صوبو خان ڪٽوهر جي رهواسين طرفان اغوا ڄاڻايل عورت ملوڪان ڪٽوهر کي بازياب نه ڪرائڻ خلاف لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻي گل حسن ڪٽوهر پنهنجي سئوٽن سيف الله، همٿ علي ڪٽوهر ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي ميڊيا آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته 10 ڏينهن اڳ مان پنهنجي گهرواري ملوڪان خاتون ڪٽوهر کي علاج لاءِ ٻوسڻ شهر وٺي ويو هيس، جتي ڊاڪٽر کان دوا وٺڻ بعد واپس ڳوٺ طرف وڃي رهيا هئاسين ته رستي ۾ پير لعل شاھ لاڙي وٽ هٿياربندن علي جان ملگاڻي، دودو، حاجي ملگاڻي، برڪت، عبدالنبي ڪٽوهر ۽ محمد علي هانڀي اسان ٻنهي زال مڙس کي زبردستي اغوا ڪري ڪار ۾ سوار ڪري نامعلوم هنڌ تي کڻي ويا، جڏهن ته ساڳئي ڏينهن تي رات جي وقت وڃھ وٺي مان ڌاڙيلن جي قيد مان فرار ٿي گهر پهتس. هن چيو ته اسان جي اغوا واري واقعو جو ڪيس منهنجي سئوٽ سيف الله ڪٽوهر جي فرياد تي حد جي پنهون ڀٽي ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي، پر تنهن باوجود به پوليس هن وقت تائين منهنجي گهرواري کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي ۽ نه ئي وري پوليس پاران ڌاڙيلن خلاف ڪائي ڪاروائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڌاڙيل گهرواري کي آزاد ڪرڻ لاءِ 12 لک روپيا ڀنگ گهري رهيا آهي، جنهن رقم مان 2 لک روپيا اسان ڌاڙيلن کي ڏئي چڪا آهيون، جڏهن ته باقي 10 لک روپيا ڏيڻ جي سگھ نه آهي، مان غريب مسڪين ماڻهو آهيان، هارپو ڪري ٻچن جو پيٽ گذر ڪندو آهيان، هن وقت منهنجو 17 مهينن جو معصوم پٽ ماءُ جي جدائي ۾ روئي روئي سخت بيمار ٿي پيو آهي. هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي جيڪب آباد سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي گهرواري کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.     

Read Previous

نصيرآباد:رائيس ڪنال جي انجنئیر کي هٽائي معاشي تباهي کان بچايو آباد گارن جو احتجاج

Read Next

لاڙڪاڻو: ڳوٺ يار محمد کوکر ۾ جنسي ڏاڍائي جو شڪار عورت وارثن سان گڏ انصاف لاءِ احتجاج ڪندي

Most Popular