وائيلڊ لائيف کاتي جي ٽيم جا ڇاپا غير قانوني پکين جو شڪار ڪندڙ گرفتار

سجاول : وائيلڊ لائيف کاتي  جي ٽيم جا شاھبندر ـ ڇڇ جھان خان ۽ جاتي جي  مختلف ھنڌن  تي ڇاپا ـ  غير قانوني پکين جو  شڪار ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون باز پڪڙڻ جا ڄار, ڊٻيون ۽ بدور پکي ھٿ ڪري ورتا  غير قانوني پکين ۽ بازن جو شڪار ڪندڙن شڪارين خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيا ان موقعي تي صحافين  سان ڳالھائيندي سجاول ضلعي جي گيم انسپيڪٽر مختيار شاھ شيرازي چيو ته سنڌ وائيلڊ لائيف کاتي  جي ڪنزرويٽر جاويد احمد مھر ۽ ڊپٽي ڪنزرويٽر حيدرآباد واجد علي شيخ جن جي ھدايتن تي عمل ڪندي جھنگلي جيوت جي ھر حال ۾ حفاظت ڪرڻ ۽ شڪارين کي غير قانوني پکين جو  شڪار ڪرڻ کان روڪڻ لاء جاتي ۽ ڇڇ جھان خان ـ شاهه بندر جي مختلف ھنڌن  تي ڇاپا ھڻي  بازن ۽ پکين جو غير قانوني شڪار ڪرڻ وارن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي ان کان علاوه  شڪار ڪرڻ وارا رڇ ـ ڊٻيون ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪيو ويو ـ  ھن وڌيڪ ڳالھائيندي   چيو ته انشاء الله ھر صورت غير قانوني بازن ۽ پکين جو شڪار روڪي جھنگلي جيوت جو تحفظ ڪيو ويندو.

Read Previous

لاڙڪاڻو: ڳوٺ يار محمد کوکر ۾ جنسي ڏاڍائي جو شڪار عورت وارثن سان گڏ انصاف لاءِ احتجاج ڪندي

Read Next

اسان کي ٽيررزم کان ٽوئرزم ڏانهن وڃڻو پوندو. صوبائي وزير سياحت ۽ ثقافت

Most Popular