اسان کي ٽيررزم کان ٽوئرزم ڏانهن وڃڻو پوندو. صوبائي وزير سياحت ۽ ثقافت

ٺٽو: سياحت کاتي جي ماتحت اداري سنڌ ٽورزم ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن (ايس ٽي ڊي سي) پاران سياحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪينجھر ڪناري تي سياحت بابت سيمينار منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ٽريول ايجنٽس ايسوسيئيشن، هوٽل ايسوسيئيشن، ٽوئر آپريٽرز جا نمائندا، ڊجيٽل ميڊيا ۽ ٽريول وي لاگرز جي نمائندن کي تقريب ۾ مدعو ڪيو ويو ۽ کين ڪراچي کان ڪينجھر تائين هڪ مختصر دورو جنهن ۾ هاليجي ڍنڍ، شاهجهان مسجد، تاريخي قبرستان مڪلي ۽ ڪينجھر ڍنڍ جو دورو ڪرايو ويو ۽ سنڌ ۾ موجود سياحت بابت ڄاڻ ڏني وئي. بعد ۾ صوبائي وزير سياحت ۽ ثقافت سيد سردار علي شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي دهشتگردي کان سياحت ڏانهن وڃڻو پوندو، وفاقي حڪومت نه صرف ڳالهايون پر عملي قدم به کڻي، خان صاحب سندس 2 سالا حڪومتي دور دوران سياحت تي ڳالهين کان سواءِ ڪجهه به ناهي ڪيو ۽ صوبن کي سياحت جي واڌاري لاءِ هڪ روپيو به ناهي ڏنو. صوبائي وزير چيو ته سنڌ ۾ سياحت جا بهترين موقعا موجود آهن، نجي سيڙپڪارن کي سنڌ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گھرجي، سنڌ ۾ ميري ٽورئرزم، صحرا، بيابان، جبل ۽ مذهبي سياحت موجود آهي، سيڙپڪار اڳيان اچن اسان کين زمين سميت ٻيون گھربل سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ان موقعي تي تقريب ۾ شريڪ وي لاگرز کي مائڪ ڏنو ۽ اوپن مائڪ سيشن منعقد ڪيو ويو ۽ مختلف سوال ڪيا جنهن تي سيد سردار علي شاه پنهنجن تجربن کي شيئر ڪيو ۽ چيو ته هن اُتر پنجاب جي مختلف علائقن ۾ سياحت جا منظر ڪيئن ڏٺا ۽ سنڌ ۾ انهن جو تقابلي جائزو ورتو، جنهن تي وي لاگرز پاران سنڌ جي ثقافتي ۽ سياحتي ادارن کي ساراهيو ۽ هنن صوبائي وزير کان سوال ڪيو ته ٻيا وڌيڪ ڪهڙا موقعا موجود آهن، جنهن تي سيد سردار علي شاه کين ٻڌايو ته سنڌ ۾ اسان تقريبن 21 سائيٽون ڊيولپ ڪيون آهن ۽ سنڌ ۾ تقريبن هر سياحتي مرڪز تي هر رزرٽ تي سهولتون موجود آهن جڏهن ته سنڌ جي ويب سائيٽ تي انٽرنيشنل بُڪنگ آن لائن سان ڪنيڪٽ آهي جنهن تحت دنيا جي ڪنهن به هنڌ کان سنڌ جي سياحتي مرڪز لاءِ ڪمرا بُڪ ڪرائي سگجھن ٿا ۽ گڏو گڏ ننگرپارڪر ۾ روپلو ڪولهي موٽل، منڇر ڍنڍ تي ٽن ڪمرن جا هٽس ۽ ڪينجھر ڍنڍ تي ڪمرن جي گنجائش ٻيڻي ڪئي ويئي آهي ان کان علاوه سمبارا هوٽل لاڙڪاڻو ۾ اڳ 24 ڪمرا هئا پر هاڻي 48 آهن جڏهن ته سنڌ ۾ ٻين سائيٽن تي پڻ سهولتون موجود آهن. ان کان اڳ سنڌ ۾ موجود سياحت جي ڀرپور موقعن، درپيش چيلينجز ۽ انهن جي حل بابت سيڪريٽري سياحت اڪبر لغاري تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي تفصيلي پريزنٽيشن پيش ڪئي. ان موقعي تي ميوزيڪل پروگرام جو پڻ انتظام ڪيو ويو جنهن ۾ طفيل سنجراني ۽ سنڌ جي ٻين مشهور ڳائڻن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري خوب داد حاصل ڪيو. تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو محمد عثمان تنوير، ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان کان علاوه سياحت ۽ ثقافت کاتي جي آفيسرن ۽ مقامي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

Read Previous

وائيلڊ لائيف کاتي جي ٽيم جا ڇاپا غير قانوني پکين جو شڪار ڪندڙ گرفتار

Read Next

خيرپور: ميونسپل ڪاميٽي جي ملازم پگهارون لاءِ احتجاج ڪندي

Most Popular