خيرپور پوليس منهنجا ڀائر کنڀي گم ڪيا ،روهڙي ۾ احتجاج

روھڙي : روهڙي لڳ  پٽڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏي پٽڻي مان چار ڏينهن اڳ خيرپور پوليس منهنجا ڀائر کنڀي گم ڪيا آهن وارثن جو خيرپور پوليس  خلاف امير علي مسڻ پنهنجي  معصوم ٻارڙن ۽ گهر وارن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو، خيرپور پوليس منهنجي ڀائرن کي ناحق کنڀي گم ڪرڻ ڪري ڇڏيو آهي مظاهرو ڪندڙن جو آئي جي سنڌ، ۽ ڊي آئي جي سکر کان انصاف جو مطالبو، ان سلسلي ۾ روهڙي لڳ  پٽڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏي پٽڻي جي رھواسي امير علي مسڻ پنهنجي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ جي خيرپور پوليس جي ظلمن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام ھنيو آهي ته چار ڏينهن اڳ رات جي اونڌائي  ۾ خيرپور  پوليس وڏي   نفري ساڻ ڪري  موبائل ۾ 40 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪندي گھر ۾ ڌاڙيلن وانگر اچي  ڀاتين تي تشدد ڪرڻ بعد  ٻن ڄڻن وزير علي ۽ نظير علي مسڻ کي مار ڪٽ ڪندي موبائيل ۾ وجهي کڻي ويا  پوليس گھر ۾ ڏوھارين وانگر ڦر لٽ ڪري  عورتن جا سونا زيور 43 ھزار روڪ موٽر سائيڪل ٽي وي ۽ ٻيو سامان کڻي ويا  مظاهرو ڪندڙن جو وڌيڪ چوڻ هو ته چئن ڏينهن کان خيرپور جي مختلف ٿاڻن تي ڳولها ڪئي آهي پر ڪو به پتو ناهي پئجي سگهيو پر پوليس ڪجھ به ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي هنن چيو ته اسان جو ڪنهن به ڏوھاري سان ڪو به واسطو نه آهي پوليس اسان جي مٿان ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي مظاهرين آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي خيرپور، کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي اسان جي بي گناھ ماڻهن کي جلد آزاد ڪرائي  اسان کي انصاف ڏياريو وڃي،

Read Previous

پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڏوڪري ايم ايس چانڊڪا خلاف احتجاج

Read Next

ڀارتي فوج جي ايل او سي تي فائرنگ، پاڪ فوج جي سپاهي سميت 2 ڄڻا شهيد

Most Popular