ڀارتي فوج جي ايل او سي تي فائرنگ، پاڪ فوج جي سپاهي سميت 2 ڄڻا شهيد

راولپنڊي: ڀارتي فوج جي ڪنٽرول لائن تي فائرنگ سبب پاڪ فوج جي جوان سميت 2 ڄڻا شهيد ۽ چار شهري زخمي ٿي پيا.  آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج ايل او سي جي بڙوه ۽ ٽينڊر سيڪٽر  ۾ فائرنگ شروع ڪري ڇڏي جنهن سبب ڳوٺ بڙوهه جو پندرنهن سالن جو ڇوڪرو شهيد ٿي ويو. جڏهن ته ڳوٺ ڪرٽن جي عورت سميت چار شهري زخمي ٿي پيا. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ پاڪستاني فوجي سپاهي شفيق به شهادت ماڻي. پاڪستاني فوجين طرفان جوابي ڪارروائي ۾ ڀارتي چوڪين کي نشانو بنايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي فوج جي ڳري نقصان جا اطلاع آهن. آءِ ايس پي آر موجب هلندڙ سال هينئر تائين ڀارت طرفان 2334 ڀيرا سيز فائر لائن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي.

Read Previous

خيرپور پوليس منهنجا ڀائر کنڀي گم ڪيا ،روهڙي ۾ احتجاج

Read Next

نيب اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي طلب ڪري ورتو

Most Popular