تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عرب فٽبال ڪلب جو اسرائيلي فٽبالر سان معاهدو

دبئي: :  دبئي جي النصر فٽبال ڪلب پهريون  ڀيرو هڪ اسرائيلي فٽبالر سان 2 سالن جو معاهدو ڪري ورتو آهي. واضح رهي ته النصر فٽبال ڪلب ڪنهن به اسرائيلي فٽبالر سان معاهدو ڪندڙ عرب دنيا جو پهريون فٽبال ڪلب آهي. خبرون ڏيندڙ اداري موجب 27 ساله اسرائيلي عرب ضياءَ محمد سبع  ان کان اڳ هڪ چيني ڪلب سان لاڳاپيل هو ۽ چيني ڪلب سان النصر ۾ تبادلي تي 29 لک  ڊالر کان وڌيڪ رقم خرچ ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته متحده عرب امارات ۽ اسرائيل جي وچ ۾  تازو ئي لاڳاپا قائم ٿيا آهن جنهن کان پوءِ  ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف معاملن تي رابطن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.  واضح رهي ته ضياءَ محمد سبع هڪ فلسطيني عرب مسلمان آهي جيڪو اسرائيل جي ڪنٽرول هيٺ علائقي ۾ پيدا ٿيو ۽ اتي ئي هن مقامي  فٽبال ڪلبن ۾ کيڏندي وڏن اسرائيلي ڪلبن ۾ جڳهه ٺاهي.

Read Previous

پاڪستاني رانديگر احمد شهزاد صحتياب ٿيڻ کان پوءِ ٽريننگ جي شروعات ڪري ڇڏي

Read Next

آذربائيجان ۾ چڪرين دوران ٽيهه آرمينيائي ويڙهاڪ مارجي ويا، سلامتي ڪائونسل اجلاس طلب ڪري ورتو

Most Popular