آذربائيجان ۾ چڪرين دوران ٽيهه آرمينيائي ويڙهاڪ مارجي ويا، سلامتي ڪائونسل اجلاس طلب ڪري ورتو

باکو: :  آذربائيجان ۽ آرمينيا وچ ۾ جهڙپون شدت اختيار ڪري ويون. گولا باري سبب آرمينيا جا وڌيڪ 30 ويڙهاڪ مارجي ويا.  ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جهيڙي تي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي. آذربائيجان ۽ آرمينيا جي وچ ۾ چڪرين دوران وڌيڪ آرمينيا جا 26 ويڙهاڪ مارجي ويا. جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي مارجي ويلن جو انگ 85 تائين پهچي ويو آهي. ترڪي  به  آرمينيا کان نگورنو ڪاراباغ جو قبضو ڇڏڻ جو مطالبو ڪيو آهي. جڏهن ته او آءِ سي سي طرفان به آرمينيا کي آذربائيجان  مٿان حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي. آرمينيا ۽ آذربائيجان وچ ۾ جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين طرفان  راڪيٽ ۽ توپ خاني جو استعمال ڪيو پيو وڃي.  گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل آرمينيا ۽ آذربائيجان جي اختيارين سان رابطو ڪيو آهي. انتونيو  گوتريس ٻنهي ملڪن کي جنگبندي ڪرن ۽ صبر جو مظاهرو ڪرڻ جي به اپيل ڪئي آهي. او آءِ سي به آرمينيا طرفان آذربائيجان تي جارحيت جي مذمت ڪندي آذربائيجان کان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. ان کان علاوه او آءِ سي به آرمينيا کان آذربائيجان جو علائقو خالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

Read Previous

تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عرب فٽبال ڪلب جو اسرائيلي فٽبالر سان معاهدو

Read Next

علي ظفر جي درخواست تي ميشا شفيع سميت نو ڄڻن خلاف ڪيس داخل

Most Popular