لاهور: : فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي(ايف آءِ اي) گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر جي خلاف سوشل ميڊيا تي سندس خلاف هلندڙ نفرت واري مهم ۽ ڪردار ڪشي ڪرڻ تي ميشا شفيع ۽ عفت عمر سميت 9 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪري ورتو اهي. ايف آءِ اي جي خاص عدالت جي حڪم تي جوابدارن جي خلاف ايف آءِ آر درج ڪئي وئي آهي. ايف آءِ آر ۾ گلوڪاره ۽ اداڪاره ميشا شفيع، ماڊل ۽ ميزبان عفت عمر، لينا غني، فريحه ايوب، ماهم جاويد، علي گل پير، حسيم زمان خان، حمنه رضا ۽ سيد فيضان رضا کي نامزد ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم ونگ 2 سالن جي جاچ کان پوءِ جوابدارن جي خلاف ايف آءِ آر ڪٽي ورتي آهي. ايف آءِ اي طرفان ان جوابدارن کي بچاءُ لاءِ 3 کان وڌيڪ موقعا ڏنا ويا پر جوابدار پنهنجو دفاع ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا جنهن کان پوءِ هاڻ هنن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.