قديمي امام بارگاهه ۾ مجلسون ۾ شهيد کي ڀيٽا پيش ڪندي

عمرڪوٽ (رپورٽ: لال حسين منڱريو )قديمي امام بارگاهه انب جو پڙ ۽ عزا خانه فرزندان زھرا س ڪيھري امام بارگاھ تي 2 مرڪزي سالانا سيدا بيبي معصوما سڪينا جي سلسلي ۾ مجلسون لونگ خان سمون متولي شفيع لغاري غلام قادر ڪيھري بلوچ و پسران طرفان برپا ڪيون ويون ھزارين مومنن جي شرڪت جنهن ۾ اقليتي برادري جي وڏي تعداد ۾ شرڪت مجلسن کي خطاب ڪندي علامه سيد شھنشاھ نقوي علامه امجد رضا جوھري مولانا ارشاد علي عرفاني ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اھل بيت الله جي محبت ۾ فنا ھئا اڄ ھن تاريخي مجلسن ۾ اقليتي ڀائرن جو وڏو تعداد ڏسي ڳالھ سمجھ ۾ اچي ٿي وڃي ته سنڌ سميت عمرڪوٽ وارا به علي کي چاھڻ وارا آهن مون کي خبر پئي آهي ته ھڪ ھندو جي گھر ۾ پيدا ٿيڻ واري نومولود ٻار جو نالو علي آنند رکيو ويو آهي ڪيڏي نه وڏي ڳالھ آهي اھي مولا جا سچا عاشق آهن جيڪي محرم الحرام ۾ مجلسون به ڪرائن ٿا ۽ سبيلون به لڳائن ٿا سندس عقيدو ۽ محبت اھل بيتن سان سچائي جو ھڪ بھترين عملي نمونو آهي علي ۽ اھلـ بيت سان محبت ڪرڻ وارا ھتي سني اقليتي سان گڏ علي جا سچا پيروڪار مومن ھزارن جي تعداد ۾ گڏ ويٺل آهن ان سان ظاھر ٿئي ٿو ته عمرڪوٽ  ۾ شرپسندن جا رستا بند آهن ۽ ھتي جا انسان حسيني فلسفي کي سمچھي ويا آهن مولا علي جو رتبو خيبر جي جنگ کان وٺي ھر ميدان ۾ شاندار عاليشان دين اسلام ۽ انسانيت لاء مثالي نمونو آهي ڪير به توھان جي دل آزاري ڪري جواب ۾ حسن اخلاق علي جي قولن شھدائي ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جي عظيم قرباني جو اھو درس آهي ته امن محبت ڀائيچاري جو پيغام ۽ درس ڪربلا جو عملي سبق آهي جنهن ۾ انسانيت سمايل آهي انهيَ فلسفي ۾ يزيد دھشتگردن نفرت ڦيلاڻ وارن ۽ منافقن جي ڪا به گنجائش نه آهي سني ۽ التشيع ۽ انسان ذات جو پاڻ ۾ گڏجي ويھڻ سان عمرڪوٽ جي ھن ھزارن واري مجموعي ۾ خبر پئي ٿي ته حضرت امام حسين السلام ۽ شھدائي  ڪربلا جو اھو وڏو موجزوع آهي جتي سڀ گڏ آهن دنيا دھشتگردي بيچيني ڪوڙ کان تڏهن بچي سگھي ٿي ۽ جو گوارو تڏهن ٿيندو جڏهن اسين حق وارن سان گڏ ٿينداسين ان موقعي تي ڪامريڊ رسول بخش رحمداڻي عادل حسين خاصخيلي  قادر کوسو بخاري امام بارگاھ  جي اسڪائوٽس  سميت معزز شھرين ۽ سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ـ

Read Previous

نيب جي هٿان ڇاپا لڳرايا پيا وڃن: اڳواڻ

Read Next

جيڪب آباد: شهيد بادشاهه ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ فائيل ٿي گذري

Most Popular